اسلام آباد (م ڊ) پ پ اڳواڻ فرحت الله بابر جاويد هاشمي جي ملڪيتن کي ڊاهڻ تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ڪجهه عرصو اڳ بني گالا ۾ هڪ غيرقانوني عمارت کي قانوني قرار ڏنو ويو، اڄ جاويد هاشمي جي پنهنجي اباڻي زمين تي اڏاوت مبينا طور تي نقشو منظور نه هجڻ ڪري غيرقانوني قرار ڏني وئي ۽ ڊاهي به وئي. هن چيو ته هڪ نه ٻه پاڪستان، عمارتون ته ڊهي سگهن ٿيون، بيانيو ڪٿي مسمار ٿيندو آهي.