سرحد (ن پ ا) محمد بخش مھر پاران ڳالھين جي آڇ بعد علي گوھر مھر پڻ اڳتي وک وڌائڻ لاءِ تيار، بنگل خان مهر کي بنامقابلي ضلعي چيئرمين بنائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو. تفصيل موجب بلدياتي چونڊ مھم جي حوالي سان جي ڊي اي ايم پي اي ۽ مھر گروپ جي سرواڻ علي گوھر مھر سرحد ۾ اليڪشن ڪئمپ جو افتتاح ڪرڻ جي موقعي تي وڏو اعلان ڪيو. علي گوهر مهر، ڪجهه ڏينهن اڳ محمد بخش مھر پاران کيس ڳالھين جي ڏنل آڇ جي مثبت موٽ ڏيندي چيو 66 يونين ڪائونسلن مان بنگل خان مھر ڪٿي به بيٺل آھي ته آئون ان جي مقابلي ۾ پنھنجي اميدوار کي هٿ کڻائي کيس بنا مقابلي کٽرائيندس. علي گوھر مھر پنهنجي سئوٽ کي ميار ڏيندي چيو ته محمد بخش خان کي مھر گروپ سان گڏ بيھڻ گھرجي ھا پر ھو پيپلز پارٽي جي ونگار وھي رھيا آھن. ھن چيو ته محمد بخش مھر ۽  بنگل خان منھنجا آھن، ڀل ھو مون کي پري ڪن پر مان ھنن کي ڪڏھن به پاڻ کان پري ناھي ڪيو. علي گوھر مھر چيو ته ھي نرالي اليڪشن آھي، جنھن ۾ اسان صبح جو ڪورٽن، رات جو پوليس کي منهن ڏيڻ بعد  ڏينھن جو پنھنجي مھم ھلائي رھيا آھيون. هن چيو ته سندس مقابلو سنڌ حڪومت سان آھي ۽ جيستائين گهوٽڪي واسين کي پنھنجا حق نه وٺي ڏنا تيستائين آرام سان نه ويھندس.