علي گل پير جي پيروڊي تي ڪنگنا رناوت جو ردعمل

0
369

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪاره ڪنگنا رناوت علي گل پير جي مزاحيه وڊيو تي پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.علي گل پير سوشل ميڊيا تي مزاحيه وڊيو ٺاهيندو آهي ۽ دلچسپ انداز ۾ مشهور شخصيتن جي پيروڊي ڪندو آهي جنهن ڪري کيس ڪافي شهرت حاصل آهي.پاڪستاني ڪاميڊين علي گل پيراداڪاره ڪنگنا رناوت جي وڊيو تي پنهنجي انداز ۾ اداڪاري ڪئي جنهن تي ڪنگنا به ردعمل ظاهر ڪيو.سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري وڊيو تي ڪنگنا رناوت علي گل پير کي مخاطب ٿيندي چيو ته گهٽ ۾ گهٽ توهان مزاحيه آهيو ۽ توهان مونکي کلايو.علي گل پير وڊيو جي ڪيپشن ۾ ڀارتي اداڪاره کي مينشن ڪندي لکيو ته آپا ڪنگنا وبائي مرض سان ڀيٽ ڪري اسان کي نيوز رپورٽنگ کان پيدا ٿيندڙ خطرا ياد ڏياري ٿي.