علي گل ملاح ۽ سهراب سومرو جي گاڏي سان خوفناڪ حادثو

0
894

ڄامشورو: سنڌ جي مزاحيه اداڪارن  علي گل ملاح ۽ سهراب سومرو سان خوفناڪ حادثو پيش آيو آهي

ڄامشورو پل وٽ حادثو  پيش آيو، ٽرالر اداڪارن  جي گاڏي کي پٺيان ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ علي گل ملاح ۽ سهراب سومرو معمولي زخمي ٿيا، جڏهن ته سندن گاڏي تباهه ٿي وئي

علي گل ملاح ۽ سهراب سومرو موجب شو ۾ شرڪت لاءِ نوابشاهه پئي وياسين ته حادثو پيش آيو، معمولي زخم رسيا آهن

حادثي بعد موٽر وي پوليس ٽرالر  ڊرائيور کي حراست  ۾ وٺي ڇڏيو

ٻئي پاسي مزاحيه اداڪار اصغر کوسو واقعي واري هنڌ پهچي علي گل ۽ سهراب سان ملاقات ڪري حادثي جا تفصيل ورتا