ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي ايم اڳواڻ منظور پشتون ۽ محسن داوڙ جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جار ڪري ڇڏيا، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کان وارنٽ بابت رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 7 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جوابدارن خلاف 2018ع ۾ شاهه لطيف ٿاڻي تي ڀڃ ڊاهه جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو. هوڏانهن جاچ پوليس ايم اين اي علي وزير خلاف چڙ ڏياريندڙ تقرير  واري ڪيس ۾ حتمي چالان پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، عدالت چالان پيش نه ڪرڻ تي پوليس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي عبوري چالان منظور ڪري علي وزير ۽ ٻين تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جوابدارن پاران  ڏوهه مڃڻ کان انڪار تي عدالت شاهدن کي 7 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتو.