لاهور(شوبزنيوز) مشهور گلوڪار ۽ اداڪار علي ظفر جي ڀاءُ گلوڪار دانيال ظفر علي ظفر جي نئين وڊيو شيئر ڪئي آهي جيڪا تمام گهڻي وائرل ٿي وئي آهي. ان وڊيو ۾ علي ظفر پنهنجي والده جي پيرن کي زور ڏئي رهيو آهي ۽ هو ٻئي دانيال جو ڊرامو ڏسي رهيا آهن. وڊيو ۾ والده دانيال کي وڊيو ڀرڻ کان روڪيندي به نظر اچي ٿي جڏهن ته علي ظفر دانيال کي مسڪرائيندي چئي رهيو آهي وڊيو ڀرڻ کان اڳ پڇي ته وٺندو ڪر. ياد رهي ته دانيال ظفر تازو ئي ڊراما انڊسٽري ۾ داخل ٿيو آهي هو انٽرويو ۾ انڪشاف ڪري چڪو آهي ته هن 2017ع ۾ ڊزني جي فلم الا دين لاءِ آڊيشن ڏنو هو کيس شارٽ لسٽ به ڪيو ويو هو.