ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف ٻن ڪيسن جي ٻڌڻي دوران اڳوڻو وفاقي وزير علي زيدي، خرم شير زمان، جمال صديقي، ارسلان تاج، فردوس شميم نقوي ۽ ٻيا پيش ٿيا، عدالت 15 ئي اڳواڻن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي، اڳواڻن پاران ڏوھ مڃڻ کان انڪار تي عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي پراسيڪيوشن جي شاهدن کي طلب ڪري ورتو، جڏھن ته عدالت سمورن جوابدارن جي عبوري ضمانت پڻ منظور ڪري ورتي آهي، واضح رهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻن  خلاف سولجر بازار ۽ فيروز آباد ٿاڻن تي  ڀڃ ڊاهه، هل هنگامو، قتل جي ڪوشش ۽ پوليس مقابلن جا 2 ڪيس داخل ٿيل آهن.