ڪراچي: ڪراچي ۾ علي زيدي سميت پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي جي 500 ڪارڪنن تي هنگامن ۽ دهشتگردي جا ڪيس داخل، ان ڏس ۾ ڪراچي ۾ ڊي سي ڪياماڙي جي آفيس ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ واري واقعي بابت  پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر علي زيدي سميت 200 ڪارڪنن تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو، سائيٽ ايريا ٿاڻي تي پيپلز سروس سينٽر جي مينيجر جي فرياد تي  داخل ڪيس ۾ علي زيدي، بلال غفار، عطاءَ الله، سعيد آفريدي، داوا خان ۽ ٻين کي نامزد ڪيو ويو، ڪيس ۾ 150 کان 200 نامعلوم ڪارڪنن کي به شامل ڪيو ويو. ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو ته پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ڊي سي آفيس ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري گاڏين کي نقصان پهچايو، اهي آفيس جو سامان ۽ ليپ ٽاپ به کڻي ويا، هنگامن ۽ فائرنگ ۾ 3 شهري زخمي به ٿيا.ٻئي طرف خاص عدالت پي ٽي آءِ ايم پي اي بلال غفار ۽ سعيد آفريدي جي ضمانت منظور ڪري 28 جنوري تائين ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،هوڏانهن ڪراچي  اوڀر جي خاتون رٽرننگ آفيسر تي حملي جو جماعت اسلامي جي 300 کان 400 ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، عزيزڀٽي ٿاڻي تي رٽرننگ آفيسر شاهانه رضوان پاران داخل ڪرايل  ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آئون ڊي اي او آهيان، اربع واري ڏينهن منهنجي ڊيوٽي وفاقي اردو يونيورسٽي  ۾ صفوراٽائون جي  رٽرننگ آفيسر طور لڳي، جماعتي ڪارڪنن مون تي حملو ڪيو ، ايس ايچ او ۽ اهلڪارن مون کي گاڏي تائين پهچايو، جماعت اسلامي جي ڪارڪنن منهنجي گاڏي کي بيلٽ باڪس، ڏنڊا ۽ پٿر هنيا، جنهن سبب گاڏي کي نقصان پهتو، منهنجو  ڊرائيور دانش زخمي ٿي پيو. ايف آءِ آر ۾ جماعتي ڪارڪنن عتيق، فيضان، افضال، جهانگير، طارق، ڪاشف، جنيد، حظيفه، بلال، ڪامران، قطب، نعمان، سلمان ۽ منان جا نالا ڏناويا آهن