ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مڪاني چونڊن دوران  جهيڙي ۽ ڊي آر او آفيس تي حملي واري ڪيس ۾  پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر علي زيدي جي عبوري ضمانت منظور ٿي وئي، جڏهن ته عدالت ايم پي اي امجد آفريدي ۽ سندس  ٻن ڀائرن کي جيل اماڻي ڇڏيو، پوليس ريمانڊ مڪمل ٿيڻ تي پي ٽي آءِ ايم پي اي امجد آفريدي ۽ سندس ٻن ڀائرن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪيو، عدالت ٽنهي ڀائرن کي جيل موڪلي ڇڏيو، عدالت علي زيدي جي 30 هزارن عيوض ضمانت منظور ڪندي پوليس کي 28 جنوري تائين جوابدار کي گرفتار ڪرڻ کان منع ڪري ڇڏيو،  واضح رهي ته پي ٽي آءِ ايم پي اي بلال غفار، سعيد آفريدي ۽ ٻين جي ضمانت منظور ٿي چڪي آهي،