علي افضل کي 22 سالن بعد فيس بڪ تي ڏسي رابطو ڪيو:ونيزا

0
476

ڪراچي (شوبز نيوز) ماضي جي مشهور ماڊل ۽ اداڪارا ونيزا احمد پنهنجي جلد شادي ڪرڻ واري راز تان پردو کڻندي چيو آهي ته علي افضل کي 22 سالن بعد فيس بڪ تي ڏسي رابطو ڪيو. هڪ خانگي ٽي وي شو ۾ ڳالهائيندي ونيزا چيو ته هڪ ٻئي کي 25 سالن کان سڃاڻندا هئاسين، کيس پسند ڪندي هيس پر پوءِ اوچتو علي افضل 22 سال اڳ آمريڪا هليو ويو ۽ پنهنجو آئون ڪيريئر ٺاهڻ ۾ لڳي ويس. هن ٻڌايو ته فيس بڪ تي رابطي بعد اسين ٻيهرملياسين ۽ پوءِ شادي ڪري ڇڏي.