اسلام آباد (اسپورٽس نيوز): انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ايليٽ پينل جي اڳوڻي امپائر عليم ڊار سرفراز احمد کي مصباح الحق ۽ موجوده ڪپتان بابر اعظم کان بهتر قرار ڏئي ڇڏيو آهي، اڳوڻي امپائر عليم ڊار کان هڪ انٽرويو دوران سوال ٿيو ته اوهان پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪهڙي ڪپتان کي سٺو ڏٺو؟، جنهن تي هن جواب ڏنو ته مصباح الحق، شاهد آفريدي، محمد حفيظ ۽ بابر اعظم جون پنهنجون پنهنجون صلاحيتون آهن، پر منهنجو مڃڻ آهي ته جيڪڏهن ڪنهن وٽ ڪپتاني جي مهارت هئي ته اهو سرفراز احمد هيو، هن چيو ته وڪيٽ ڪيپر طور ڪپتان هڪ بهترين فيصلو ڪري سگهي ٿو، ڇو ته اهو ڄاڻيندو آهي ته بالر ڪهڙي بالنگ ڪرائي حريف ٽيم تي دٻاءُ وڌائي سگهي ٿو، عليم ڊار قومي ٽيم جي پتان ۽ آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾ پهرين نمبر بيٽر بابر جي موجوده ڪاميابي کي تسليم ڪندي چيو ته انفرادي ڪارڪردگي ۽ ڪپتاني جي مهارت ئي ڪافي ناهي، پپتان جي بنيادي ذميداري ٽيم ورڪ کي هٿي وٺرائڻ ۽ رانديگرن کي متحد ڪرڻ آهي.