علمي اداري مان تڙجي ويل شاگردن جي درد ڪٿا

0
168
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

عمرڪوٽ مان الياس ٿري لکي ٿو

 

اسي واري ڏھاڪي ۾ جڏھن سنڌي ادب ۽ ڪوتا کيتر ۾ جديد سنڌي شاعري جا نوان ٽرينڊ پي متعارف ٿيا ٺيڪ انھن ئي ڏھاڙن ۾ ھن احمد آباد اسٽيٽ ويجھو نبي سر روڊ واري علائقي سان تعلق رکندڙ سنڌي ٻولي جي انتھائي خوبصورت شاعر مظھر لغاري سنڌي نظم جا خوبصورت حوالا پي سرجيا انھن ئي ڏھاڙن ۾ سندس شاعري جا اھي ٻول انتھائي مقبول ٿيا ته “ھوائون نه روڪيو,ھوائون نه روڪيو”.ھاڻ ان علائقي ۾ سنڌ جي معصوم ٻارڙن جي بنيادي پرائمري تعليم جون ھوائون ۽ حوالا رڪيل آھن اھي به وري ان وقت جڏھن ھڪ سنڌي شاعر سيد سردار علي شاھ جيڪو ساڳئي ئي ضلعي سان تعلق به رکي ٿو ۽ تعليم جو صوبائي قلمدان به کيس تازو ٻيھر واپس مليو آھي جي پنھنجي ھم ڊسٽرڪٽ عمرڪوٽ ۾ نبي سر روڊ جو علائقو عمرڪوٽ ضلعي جي تعلقي ڪنري جو حصو آھي ھتي ئي ڀرپاسي ھاڪڙي ۽ پراڻ دريا جا آثار موجود آھن پر ھن علائقي ۾ اڄ به تعليم يرغمال بڻيل آھي ۽ اھا علائقي جي بااثرن جي رحم ۽ ڪرم تي آھي، اھڙو ئي ڪجھه احمد آباد اسٽيٽ جي گرلس پرائمري اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪندڙ انھن معصوم 80 ٻارڙن سان ٿيو آھي جيڪي بوائز پرائمري اسڪول ڳوٺ احمد آباد اسٽيٽ جا شاگرد آھن جن جو تعليمي رڪارڊ موجود آھي جتي ھڪ تازو سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ضم ٿيل اين سي ايچ ڊي جو استاد ۽ ھڪ تعليم کاتي عمرڪوٽ جي تعلقي ڪنري جو استاد مقرر ٿيل آھي پر الميو اھو آھي جو بوائز اسڪول جيڪو 1954ع ۾ قائم ٿيو جنھن جو سيميز ڪوڊ به منظور ٿيل آھي ۽ رپورٽن موجب ته ان اسڪول جي ٻن ڪمرن واري بلڊنگ به منظور ٿي ھئي جيڪا 1999 ۾ منظور ٿيڻ جا چئوٻول آھن پر تعليم کاتي عمرڪوٽ جي رڪارڊ ۾ اھو بوائز اسڪول شيلٽر ليس يعني بنا بلڊنگ وارو اسڪول قرار ڏنل آھي سوال اھو آھي ته اھا ٻن ڪمرن واري بلڊنگ ڪيڏانھن وئي ڪٿي شفٽ ٿي ۽ ٺھي جُڙي راس به ٿي يا رڪارڊ جو حصو بڻائي علائقي جي ڀوتارن ۽ ڪامورن گڏيل طور ان جو فائدو ورتو اھو به جاچ طلب معاملو آھي

67 سالن جي قديم بوائز پرائمري اسڪول جي بلڊنگ جيڪا نه تعمير ٿي سگھي ڪھڙيون رڪاوٽون ھيون ۽ ڪير ذميوار آھي ان جو پڇاڻو ته ھونئين ئي ڪونه ٿي سگھيو آھي پر جڏھن سڄي دنيا ڪووڊ جي جنگ وڙھندي پنھنجو تعليمي سرشتو بچائڻ جي جستجو ۾ رڌل آھي تڏھن احمد آباد اسٽيٽ لڳ نبي سر روڊ جي بوائز پرائمري اسڪول جي انھن شاگردن کي گرلس اسڪول جي بلڊنگ مان ٻاھر تڙي ڪڍيو ٿو وڃي جيڪي الف بي جو سبق وٺي اڳتي وڌڻ ٿا چاھين ۽ اسٽيٽ جو مالڪ زمين چوي ٿو ته توھان جي اسڪول جو ڪو وجود ڪونھي توھان ھليا وڃو جتي جا آھيو اوڏانھن وڃو,ٻارڙن کي اسڪول جا استاد گرلس اسڪول جي ئي ڀرسان موجود وڻن جي ڇانو ۽ نٽھڻ اس ۾ ويھاري تعليم ڏيڻ شروع ڪن ٿا ۽ اھو مسئلو گذريل ھڪ ھفتي کان ھاءِ پروفائيل اشو بڻيل آھي پر ھيل تائين علائقي جي تعليم کاتي جي عملدارن کان وٺي تعليم واري وزارت جي اھم اسٽيڪ ھولڊرز تائين سڀ خاموش آھن

ٻڌايو پيو وڃي ته  ٽي اي او فيميل راحيله ناز پاران اسڪول جي 80 ٻارڙن کي  اسڪول عمارت کان ٻاهر ڪڍيو ويو ھو ٽي اي او فيميل ڪنري راحيله ناز کي ڪنھن اختيار ڏنو ته اھا تعليم حاصل ڪندڙ معصوم شاگردن کان ڇانو ۾ ويھي ۽ اسڪول جي ڪمري جي ڇت ھيٺ ويھي تعليم پرائڻ جو حق کسي وٺي سندس خلاف ڪا به ادارتي ۽ محڪماتي ڪارروائي نه ٿي آھي معلوم ٿيو آھي ته سندس اثر رسوخ جي ڪري تعليم کاتي عمرڪوٽ جا سينئر آفيسرز توڙي ضلعي انتظاميا به سندس ڪجھه بڳاڙي نٿي سگھي، ان ڪري سڀني چپ جو روضو رکي خاموشي اختيار ڪري ڇڏي آھي.

ھن وقت جڏھن بوائز پرائمري اسڪول جي بلڊنگ قائم ڪرڻ ۽ شاگردن جي تعليم کي جاري رکڻ لاءِ جڏھن متبادل جڳھه جو بندوبست ڪري شاگردن کي اتي شفٽ ڪرڻ جون ڳالھيون ٿي رھيون آھن تڏھن سڀ کان وڌيڪ اھم ڳالهه ماضي ۾ جھاتي پائڻ جي آھي، رپورٽس اھي به سامھون آيون آھن ته اسٽيٽ احمد آباد جي بااثر چوڌري ڪجھه وقت اڳ گرلس اسڪول جي چئوديواري جو ڪجھه حصو ۽ واش روم ڊھرائي ڇڏيا ھئا جيڪي بعد ۾ ذريعن موجب تعليم کاتي پاران ايس ايس پي سان رابطو ڪري پوليس جي پريشر تحت ٻيھر تعمير ڪرائي معاملي کي لئي مٽي ڪيو ويو، ڇو جو گرلس اسڪول به ان چوڌري جي کاتي واري ذاتي زمين تي قائم ٿيل آھي جنھن جو لينڊ رڪارڊ ھاڻ عدالتي حڪم تحت ضلعي انتظاميا پاران سرڪار جي کاتي ۾ شفٽ ۽ منتقل ڪرڻ جو مرحلو شروع ڪيو ويو آھي ان سلسلي ۾ ٽي اي او ميل اختر سيال جو چوڻ آھي ته بوائز پرائمري اسڪول جو سرڪاري رڪارڊ ۾ عمارت موجود ئي نه آهي سندس موقف موجب  ايس ايم سي مان ڪو ڪمرو ٺھيل هو، سوال ٿو پئدا ٿئي ته گرلس اسڪول جي ٻن ڪمرن کانسواءِ اھو ايس ايم سي فنڊ مان تعمير ٿيل ڪمرو ڪيڏانھن ويو زمين کائي وئي يا آسمان ڳيھي ويو، ان جي جاچ ۽ پڇاڻو ڪير ڪندو، 1954 کان وٺي ھيل تائين جڏھن کان بوائز اسڪول جي ايس ايم سي فنڊنگ وارو سلسلو متحرڪ رھيو آھي ته اھي پئسا ڪٿي استعمال ٿيا ڪيڏانھن ويا ان جي جاچ ڪير ڪندو

ان سموري صورتحال بابت سنڌي ٻولي جي وڏي ٽي وي چئنل ٽائيم نيوز تان پنھنجو موقف ڏيندي صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاھ اھو اعتراف ڪيو آھي ته کيس ان معاملي بابت ڪا به ڄاڻ ناھي پر نشاندھي بعد معاملي جي جاچ ڪرائيندو پر عملي طور تي ڪجھه به ٿي نه سگھيو آھي، ڊي اي او پرائمري دوارڪو مل درزي موجب ته تڙيل ٻارڙن کي واپس گرلس اسڪول ۾ شفٽ ڪرڻ جون ھدايتون ڏنيون ويون آھن، ڊپٽي ڪمشنر نديم الرحمان,ميمڻ به معاملي جي انڪوائري ڪرائڻ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو اعلان ڪيو، پر صوبائي وزير کان وٺي ڪامورن ۽ ضلعي انتظاميا تائين گذريل ھڪ ھفتي کان رڳو اعلان ئي ٿيندا رھيا آھن عملي طور تي رزلٽ ٻڙي برابر آھي،

نبي سر جتي ڪنھن دور ۾ ريلوي ٽريڪ ھوندو ھو ھتي چيڪو,انگور ۽ ٻين خوبصورت لذيذ فروٽس جا باغ ۽ واڙيون ھونديون ھيون، ھي خطو ھاري حقدار تحريڪ جو مرڪز رھيو آھي، جتي ڪامريڊ غلام محمد لغاري جھڙن سنڌ سطح جي نامور ھاري اڳواڻن ھارين جي حقن ۽ بنيادي مسئلن لاءِ جدوجھد ڪئي شھيد مائي بختاور ھاري اڳواڻ جو تعلق به ان ئي علائقي جي پاڙيسري تعلقي سامارو جي ڳوٺ سان آھي ھن ئي علائقي ۾ ايشيا جي وڏي مرچ منڊي ڪنري موجود آھي جنھن کي سنڌ جو مضبوط زرعي بيلٽ چيو وڃي ٿو ريڊچليز يعني ڳاڙھا مرچ سڄي دنيا ۾ ھن علائقي کان ايڪسپورٽ ٿين ٿا ۽ ھن ئي احمد آباد اسٽيٽ جي اسڪول مان بيدخل ٿيل اھي اسي ٻارڙا انھن ھارين نارين جا ٻچڙا آھن جيڪي ڪانڀو ڪري زرعي زمينن ۾ پگھر وھائي سنڌ کي اناج مھيا ڪن ٿا پر سندن اولاد لاءِ علم حاصل ڪرڻ معاملو ئي ممنوع بڻجي ويو آھي، تازو خواندگي جي عالمي ڏينھن تي جڏھن سنڌ جي تعليم واري وزير,سيڪريٽريز ۽ ڪامورن فائيو اسٽار ھوٽلز ۾ سنڌ جي تعليم واري صورتحال بابت ڪاغذي ڪاررواين واري گورک ڌنڌي جي آڌار آڏا ابتا انگ اکر پي پيش ڪيا ورلڊ بئنڪ ۽ ٻين مالياتي ادارن آڏو پنھنجي بھتر ڪارڪردگي جون ھامون پي ھنيون تڏھن “اسان لاءِ سنڌ وطن آھي” جھڙيون سٽون تخليق ڪندڙ تعليم واري وزير جي پنھنجي اباڻي ضلعي جا 80 ٻارڙا اسڪول مان تڙيل ھئڻ جي حالت ۾ نٽھڻ اس ۾ علم حاصل ڪرڻ تي مجبور ھئا