سکر (بيورو رپورٽ) علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد جي علائقائي آفيس سکر ۾ خزان 2021 جي ٻئي مرحلي ۾ داخلائون شروع ٿي ويون آهن، جنهن ۾ يونيورسٽي ٽيچر ٽريننگ پروگرامز (بي ايڊ) بي اي (ايسوسيئيٽ ڊگري) بي ايس (اولڊ موڊ) بي بي اي، پوسٽ گريجوئيٽ، ايسوسيئيٽ ڊگري (بزنس ايڊمنسٽريشن) کان علاوه سرٽيفيڪيٽ ڪورسز (03 ۽ 06 ) جي پروگرامن ۾ داخلائون ڪيون پيون وڃن. يونيورسٽي جو مجموعي تعليمي طريقيڪارآٽوميشن تي منتقل ڪيو ويو آهي۽ ڊجيٽلائزيشن پاليسي تحت ٻئي مرحلي جون داخلائون آن لائن ٿي رهيون آهن.