ڪراچي: سيل ٿيل وڌيڪ 89 اسپتالون کولڻ بابت به شهرين جون شڪايتون سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن تائين پهچي ويون آهن. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي اختيارين پاران مختلف وقتن تي صوبي ۾ عطائي ڊاڪٽرن جون سيل ڪيل اسپتالون ٻيهر کلي وڃڻ بابت مختلف شهرن مان وڌيڪ 89 شڪايتون هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي اينٽي ڪيوڪري ڪاميٽي وٽ داخل ٿي چڪيون آهن.