ڪراچي: سنڌ ۾ صوبائي سرڪار جي سرپرستي هيٺ هلندڙ اين آءِ سي وي ڊي، گمس، جناح اسپتال ۽ ايس آءِ يو ٽي  جهڙيون اسپتالون هوندي به سنڌ اسيمبلي جي حڪمران ڌر سان تعلق رکندڙ 2 ايم پي ايز پنهنجي خانگي علاج لاءِ سنڌ سرڪار کان 6 ڪروڙ 11 لک 39 هزار رپين جي وڏي رقم وصول ڪري ورتي. بجيٽ بوڪ موجب دادو ضلعي سان تعلق رکندڙ آبپاشي انجنيئر رهندڙ عبدالعزيز جوڻيجو پنهنجي علاج تي 5 ڪروڙ رپيا خرچ ڏيکاري سرڪاري خزاني کان اها رقم گرانٽ طور جاري ڪرائي، ساڳئي ريت بدين ضلعي سان تعلق رکندڙ پ پ ايم پي اي ڏاڏا حاجي ايم هاليپوٽو پڻ علاج جي مد ۾ هڪ ڪروڙ 11 لک 39 هزار رپين جي وڏي رقم سنڌ سرڪار کان وصول ڪئي. بجيٽ بوڪ ۾ ٻنهي ايم پي ايز جي بيمارين توڙي سندن علاج ڪندڙ اسپتالن جو ڪو به ذڪر ٿيل ناهي.