عزير بلوچ فريال ٽالپر ۽ ٻين جا راز کولي ڇڏيا

0
1174

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پابندي مڙهيل پيپلز امن ڪميٽي جي سربراهه عزير بلوچ پنهنجو اعترافي بيان جمع ڪرايو ويو جنهن ۾ جوابدار اهم انڪشاف ڪيا آهن، عزير بلوچ پنهنجي بيان ۾ پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر سميت سينيٽر شهادت اعواڻ، ايس ايس پي فاروق اعواڻ ۽ ٻين جا راز کولي ڇڏيا، عزير بلوچ موجب، ڀتي جي مد ۾ ڪروڙين رپين مختلف کاتن ۽ ماڻهن کان وصول ڪيا، فشريز کاتي مان کيس 20لک ۽ فريال ٽالپر کي هڪ ڪروڙ رپيا ڀتو ملندو هو، فشريز جي ڊائريڪٽر سعيد بلوچ ۽ نثار مورائي سندس ئي چوڻ تي مقرر ڪيو ويو، سينيٽر شهادت اعواڻ، ايس ايس پي فاروق اعواڻ جي زمينن تي قبضن ۾ مدد ڪئي، ٻنهي جي سمون ڳوٺ ملير ۽ گڏاپ ٽائون ۾ زمينن تي قبضن ۾ مدد ڪئي، عزير بلوچ چيو ته فاروق اعواڻ جي علائقي کان مهيني ۾ ڏيڊ کان 2 لک رپيا ڀتو وصول ڪري کيس ڏنو ويندو هو، مانهن 2003ع ۾ لياري گينگ ۾ شامل ٿيس ۽ 2008 ۾ پيپلزپارٽي جي فيصل رضا عابدي ۽ جيل سپرنٽنٽنڊٽ نصرت منگن جي چوڻ تي پ پ جي قيدين جو ذميوار بڻايو ويو. 2008ع ۾ رحمان ڊڪيٽ جي مارجڻ بعد لياري گينگ وار جي مڪمل ڪمان سنڀالي، 2008ع ۾ ئي پيپلز امن ڪميٽي جي نالي سان دهشتگرد گروپ ٺاهيو، ڪوئٽا ۽ پشين مان هٿيار گهرايا، هن اهو به انڪشاف ڪيو ته لياري ۾ مرضي جي آفيسر مقرر ڪرايا، آفيسرن کي ذوالفقار مرزا، قادر پٽيل ۽ يوسف بلوچ مقرر ڪرايو، پوليس جي سرپرستي ۾ ڏوهه ڪيا، 2013ع مارڇ ۾ پنهنجي پيءُ فيض محمد عرف فيضل جي قتل بدلو ورتو، پوليس آفيسر جاويد بلوچ ۽ چاند نيازي جي مدد سان ارشد پپو کي اغوا ڪيو، ٽن ڄڻن جو سسي ڌڙ کان ڌار ڪري لياري جي گھٽين ۾ فٽبال راند کيڏي.