عروج ۽ زوال جي تاريخ ڇا ٿي سيکاري؟

0
264
عروج ۽ زوال جي تاريخ ڇا ٿي سيکاري؟

پاڻ سڀني اها مشهور چوڻي ٻڌي آهي ته هر عروج جو زوال آهي، پر ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته آخر ائين ڇو ۽ ڇا لاءِ ٿيندو آهي؟ دنيا جون عظيم طاقتون واريءَ جي گهرن وانگر ڪيڏانهن گم ٿي وڃن ٿيون؟ آخر ڪهڙيون غلطيون آهن، جيڪي هر حڪمران ورجائين ٿا ۽ پوءِ سندن زوال اڻٽر ٿي وڃي ٿو؟ هنن سوالن جا جواب ڳولڻ لاءِ ڪتاب “عظيم طاقتن جو عروج ۽ زوال” جو مطالعو ڪرڻ ضروري آهي. هي هڪ شاندار ڪتاب آهي، جيڪو عظيم طاقتن يا گريٽ پاورس جي پنج سئو سالن واري تاريخ جو ڀرپور جائزو پيش ڪري ٿو. اٺ سئو صفحن واري هن ڪتاب جو ليکڪ پال ڪينيڊي آهي، جنهن اسپين، روم، فرانس، برطانيا، جرمني، عثمانيه سلطنت سميت دنيا جي وڏين طاقتن جي عروج ۽ زوال جو قصو تفصيل سان زير بحث آندو آهي. ڪهڙا فرد يا ملڪ عروج جي منزل ماڻيندا آهن؟ هن حوالي سان سندس تحقيق اهو ٻڌائي ٿي ته عروج ماڻيندڙ ملڪن پٺيان پئسو ۽ طاقت حاصل ڪرڻ واري بنيادي خواهش ڪارفرما هئي. پر اها به تلخ حقيقت آهي ته پئسو ۽ طاقت ٻئي بي وفا ثابت ٿيا، سندن مُٺ مان واريءَ وانگر آهستي آهستي وهي نڪري ويا. جن قومن ۾ پئسي ۽ طاقت جي خواهش ناهي، اُهي دنيا جون عظيم طاقتون نٿا ٿي سگهن، پر عجيب ڳالهه آهي ته هڪڙي خواهش پوري ٿئي ٿي پر ٻي خواهش هزار ڪوششن باوجود پوري نٿي ٿئي. مطلب، خواهش ڪرڻ سان پئسو ۽ طاقت ملي سگهن ٿا پر ٻنهي کي هميشه پاڻ وٽ رکڻ واري خواهش پوري نٿي ٿئي. اڳي پوءِ زوال پيڇو ڪري پهچي وڃي ٿو.

موجوده دور ۾ آمريڪا جو لهندڙ ۽ چين جو اڀرندڙ سج واضح طور نظر اچي ٿو. هن ڪتاب ۾ به اهڙي اڳڪٿي ڪيل آهي ته جيڪڏهن آمريڪا تاريخ مان سبق نه سکيو ته ان جو زوال اڻٽر آهي. هن آمريڪا ۽ چين واري ڇڪتاڻ ۾ پاڪستان ٻنهي طاقتن مان ڪنهن جي پاسي ٿئي ٿو، اهو اڃان واضح ناهي. ڇا پاڪستان ڪا چونڊ ڪرڻ واري پوزيشن ۾ آهي، اهو به هڪ الڳ سوال آهي. شايد تنهنڪري چونڊ ڪرڻ بدران ملڪ حالتن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيل آهي ته اُهي پاڻ فيصلو ڪن!

تازو ڪراچي لٽريچر فيسٽيول ۾ هڪ آمريڪي ليکڪ کي ٻُڌڻ جو موقعو مليو، جنهن صفا ڪَن کڙا ڪري ڇڏيا. چيائين ته پاڪستان آمريڪا جي نظر ۾ هينئر ايترو اهم ناهي، جيترو پاڪستاني سمجهن ٿا. ڳالهه کي صفا چٽو ڪري ٻڌايائين ته پاڪستان آمريڪا واري نئين خارجه پاليسي ۾ فِٽ ناهي، جنهن جو مقصد چين کي محدود ڪرڻ (ڪَنٽينمِنٽ) وارو ناهي، بلڪه ڪائونٽر (مقابلو) وارو آهي. اندازو ڪريو ته صورتحال ڪيتري ڳنڀير آهي. بهرحال، واپس ڪتاب ڏانهن هلون ٿا.

‎هن ڪتاب ۾ سورهين صديءَ کان وٺي اڄ تائين جي دور جو احوال آهي، مختلف عظيم طاقتن جي عروج ۽ زوال جو هڪ جامع جائزو پيش ڪيو ويو آهي. انهن طاقتن جي زوال جي باري ۾ ڪينيڊي جو تجزيو ٽن مکيه عنصرن ۾ اختصار ڪري سگهجي ٿو: وڏي فوج، معاشي زوال، ۽ سياسي عدم استحڪام. ‎هن مضمون ۾، اسان وڏي فوج رکڻ تي ڌيان ڏينداسين ۽ ڪيئن هن عظيم طاقتن جهڙوڪ اسپين، فرانس ۽ برطانيا  جي زوال ۾ مدد ڪئي.

‎سورهين صديءَ جي عظيم طاقت اسپين پنهنجي وسيع سلطنت ۽ فوجي طاقت جي ڪري مشهور هو، پر فوج مٿان وڌيڪ انحصار ڪرڻ واري پاليسي ان جو خاتمو  ثابت ٿي. وڌيڪ اهو ته اسپين جي مذهبي فتح جي جنگين ان جي وسيلن کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ ان جي معيشت کي ڪمزور ڪيو، جنهن سان سندس طاقت ۾ گهٽتائي ٿي. ان کان علاوه، اسپيني سلطنت تمام وڏي  هئي، جتي مؤثر حڪومت قائم نه ڪري سگهڻ سبب  نوآبادين ۾ بغاوت ان جي پوزيشن کي اڃان وڌيڪ ڪمزور ڪيو.

‎فرانس، سترهين ۽ ارڙهين صديءَ دوران يورپ ۾ غالب طاقت، پڻ فوج ڦهلائڻ، معنيٰ مختلف ملڪن يا پنهنجي خطي کان ٻاهر فوجون موڪلڻ واري عمل جو شڪار ٿيو. جنگين ان جي فوجي خرچن ۽ قرضن ۾ وڏي پئماني تي اضافو ڪيو. مٿان  معيشت ۾ گهٽتائي آئي. فوجي خرچ، قرض ۽ معيشت ۾ گهٽتائي، ٽنهي گڏجي پهرين ان جي ڪمزور پوزيشن جو سبب بڻيا ۽ آخرڪار ان جي زوال ۾ مدد ڪئي.

‎برطانيا، اڻويهين ۽ ويهين صديءَ جي اوائلي وڏي طاقت، پڻ

فوج ڦهلائڻ جو شڪار ٿي ويو. ان جي سلطنت ايتري وسيع هئي جو چوندا آهن ته ان مٿان ڪڏهن سج نه لهندو هو، ۽ ان جي فوجي طاقت بي مثال هئي. بهرحال، ٻن عالمي جنگين ان جي وسيلن کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ ان جي معيشت کي ڪمزور ڪيو، ان جي طاقت ۾ گهٽتائي ٿي. ان کان علاوه، ان جي عالمي فوجي موجودگي کي برقرار رکڻ جي قيمت تمام گهڻي هئي، ۽ ملڪ هڪ سپر پاور طور پنهنجي پوزيشن کي برقرار رکڻ لاءِ جدوجهد ڪئي پر قائم نه رکي سگهيو.

‎آمريڪا، موجوده سپر پاور پڻ فوجي پکيڙ سبب زوال جي خطري کي منهن ڏئي رهيو آهي. ان جي عالمي فوجي موجودگي ۽ سامراجي عزائم جي تعاقب وڏي فوجي خرچن ۽ قرضن جو سبب بڻيا آهن. افغانستان مان سياڻپ ڪري پنهنجون فوجون ڪڍي ويو، نه ته اڃان وڌيڪ فوجي خرچ ۽ قرض برداشت ڪري ها. ٻيو ته يوڪرين واري جنگ ۾ ايتري مدد به نه ڪري سگهي ها، جيتري هينئر ڪري ٿو. بهرحال، دنيا جي مختلف حصن ۾ پنهنجي وسيع فوج کي برقرار رکڻ ۽ جنگين ۾ ملوث ٿيڻ جي قيمت هن جي معيشت تي اثر انداز ٿي رهي آهي ۽ ان جي پوزيشن کي ڪمزور ڪري رهي آهي. جيڪڏهن آمريڪا پنهنجو رويو نه بدلايو ته ان کي خطرو آهي ته ان جي اڳڪٿين وانگر ساڳيو ئي انجام ٿيڻو آهي.

‎جيتوڻيڪ ‎پاڪستان انهن عظيم طاقتن جي صف ۾ نٿو ڳڻي سگهجي پر تڏهن به اهو ڏسڻ ۾ ڪو حرج ناهي ته زوال جي تاريخ مان پاڻ ڇا ٿا سِکي سگهون؟ هتي ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي، جنهن چيو آهي ته پاڪستان جي بجيٽ جو پنجاهه سيڪڙي کان مٿي حصو دفاع، قرضن جي قسط ۽ وياج جي مد ۾ کپي وڃي ٿو. باقي پنجاهه سيڪڙو به درست استعمال نٿو ٿئي، ڇو ته هر هنڌ ڪرپشن ۽ نااهلي آهي. ملڪي معيشت ۾ به تيزي سان گهٽتائي اچي رهي آهي، جنهن سبب اسانجي ڪرنسي مارڪيٽ ۾ روز جي حساب سان لڳاتار ڪِري رهي آهي. انڪري مهانگائي ۾ وڏو اضافو ٿيو آهي، جنهن عوام کي صفا پيڙي ڇڏيو آهي. ‎تنهنڪري، پاڪستان کي پنهنجو قبلو درست ڪري ترجيحون تبديل ڪرڻيون پونديون. دفاعي حوالي سان دنيا سان ڪلهو هڻڻ بدران حقيقت پسند ٿي سوچڻ کپي.

‎آخر ۾ اها ڳالهه سمجهڻ ۽ محسوس ڪرڻ انتهائي ضروري آهي ته هڪ خوشحال، تعليم يافته، صحتمند عوام ئي مضبوط پاڪستان جو تصور هجڻ گهرجي. ٻيو اهو ته دنيا جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته مضبوط معيشت کانسواءِ مضبوط دفاع قائم نٿو رکي سگهجي. هتي اهم ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي اِها به آهي ته زوال اوچتو ناهي ايندو پر پروسيس آهي، جيڪو آهستي آهستي اچي ٿو. هاڻي اهو اسان مٿان آهي ته تاريخ مان سبق سکون يا انکي نظر انداز ڪري زوال جو خطرو کڻون.

[email protected]