کپرو/چونڊڪو (نمائندن وٽان) اڇڙي ٿر سنجرواري پوسٽ وٽ  جهنگل کي باهه لڳي وئي، نتيجي ۾ سڪل گاهه، وڻ،  جهنگلي جيوت، جانور سڙي ويو، ان ڏس ۾  خيرپور ميرس جي سرحدي علائقي هنج واري ڪڍي  سنجرس واري پوسٽ وٽان اسر ويل جھنگ کي باهه لڳي، باهه ڏسندي ڏسندي  40 کان 50 ڪلوميٽر علائقي۾ موجود گاهه وڻن ۽ جانورن کي رک بڻائي ڇڏيو،   مقامي ماڻھن ۽ انڊس رينجرس جي ڪوشش  باوجو د  به باهه تي ضابطو نه آيو، ياد رهي ته باهه جي لپيٽ ۾ آيل ايرا ضي اها ايراضي آھي جتي عربن جي راکن ۽ مقامي ماڻھن ۾ تڪرار هلندڙ هو، هوڏانهن مقامي ماڻهن طالب، مٺاخان، ساجن موجب ته باهه لڳائڻ ۾ عرب راکا ذميوار آهن.جڏهن ته باهه واقعي بابت اي  سي نارا ساجد پهوڙ سان رابطوڪرڻ جي ڪوشش ڪئي  پر هن فون اٽينڊ نه ڪيو، جڏهن ته وائلڊلائيف کاتي سکر جي انچارچ ديدار حسين ڀاڳت سان به رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن جو نمبر مسلسل  بند  رهيو. جڏهن ته مقامي ماڻهن موجب ته ٿر جي تڙن  سنجر وارو,جھوڏ,تڙ بادي,تڙ ڊاڻي  ۾ گذريل ڏينھن عرب شڪار جي راکن  پاران شڪار ۾ آساني لاءِ  اڇڙي ٿر ۾ برساتن بعد پيدا ٿيل گاھ ۽ ٻوٽن  کي لڳائي ڇڏي آهي، جڏهن ته باھ  تي ضابطو نه اچي سگهيوآهي، باھ ڪلو ميٽرن ۾ پکڙجي وئي، ٿري ماروئڙن پاران  گهر خالي ڪري محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي.