ڪراچي (رپورٽ : شاهد ميراڻي) اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جميل احمد چيو آهي ته ايندڙ هفتي کان ڊالر اچڻ سان  پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌي ويندا،  گڏيل عرب امارات پاڪستان کي ڏنل  پنهنجا 2 ارب ڊالر رول اوور ڪري ڇڏيا آهن، امپورٽر پاڻ ڊالر جو بندوبست ڪن ٿا ته اسانکي ڪو اعتراض نه هوندو، ڪالهه هتي واپارين جي وفاقي ايوان ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته هن وقت وڏو مسئلو ڪراچي پورٽ تي بيٺل 5700 ڪنٽينر کي رليز ڪرڻ جو آهي، جنهن کي  جلد حل ڪنداسين،  اسان کي ڪاروبار کي سهوليت ڏيڻي آهي، هن چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري سبب اسان کي ڪجهه قدم کڻڻا پيا، جنهن سان اسان جي درآمد گھٽجي وئي آهي، هن چيو ته اسان ليٽر آف ڪريڊٽ ( ايل سيز ) جا 33 هزار ڪيس ڪليئر ڪيا آهن، ايل سيز کي جاچڻ ۾ وقت لڳي ٿو، جلد ايل سيز پڻ کوليون وينديون، هن چيو ته ايندڙ هفتي مُلڪ ۾ ڊالر اچڻ وارا آهن، جنهن بعد مٽا سٽا وارا ذخيرا وڌڻ شروع ٿي ويندا، وڌيڪ ڊالر ايندي  ئي امپورٽرن کي سهوليت ڏينداسين، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڊالرن جي معاملي تي بينڪن خلاف جاچ مڪمل ڪئي وئي آهي،  23 جنوري تي رپورٽ پڻ سامهون ايندي، جنهن بعد ايڪشن کنيو ويندو، ڪنهن بينڪ کي نه ڇڏينداسين،  هن چيو ته اسان بينڪن کي چيو آهي ته ايل سيز جي حوالي سان کاڌخوراڪ، دوائن ۽ کاڄرو تيل کي ترجيح ۾ رکيو وڃي، اسان ايڪسپورٽ لاءِ امپورٽڊ خام  مال کي ترجيح ۾ شامل ڪيو آهي ، زرعي شعبي لاءِ به امپورٽ ۾سهوليت پيدا ڪري رهيا آهيون، ڊالر کي ڏسندي ئي امپورٽ جو فيصلو ڪرڻو هوندو آهي، هن چيو ته جيڪڏهن امپوٽرز ڊالر جو بندوبست ڪن ٿا ته اسان کي ڪو اعتراض نه هوندو، کين پنهنجي ڊالر سان امپورٽ جو بندوبست ڪرڻ جي اجازت آهي، هن چيو ته وياج جي شرح وڌائڻ جي حوالي سان في الحال ڪجهه  چئي نٿا سگھون. انهي کان اڳ ايف پي سي سي آءِ جي تقريب کي خطاب ڪندي صنعتڪارن چيو ته سپلائي چين نه کُلي ته بيروزگاري جو سيلاب ايندو،  رمضان مهيني ۾ داليون هڪ هزار رپيا ڪلو ٿي وينديون،  ان موقعي تي ايف پي سي سي آءِ جي اڳوڻي صدر ناصر مگون چيو ته اسٽيٽ بينڪ ۾ ويٺل ماڻهو پاڻ کي ورلڊ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف سمجھن ٿا، مارچ تائين  معاشي صورتحال ساڳئي رهي ته هنگاما ٿيندا، هن چيو ته اوپن اڪائونٽ ۾ ڊالر منتقلي جي اجازت ڏني وڃي، ايران کان يورپ ۽ انڊيا بارٽر  ٽريڊ ڪري رهيا آهن، انهي ذريعي ڪروڙين ڊالر بچائي سگھجن ٿا، اڳوڻي صدر انجم نثار چيو ته بحران جي حل لاءِ اسٽيٽ بينڪ ۽ ناڻي واري وزارت وٽ ڪا پاليسي ناهي، ائين لڳي ٿو ته  اسٽيٽ بينڪ ڪمرشل بينڪن سان مليل آهي، جنهن سبب صنعتون بند ٿي رهيون آهن،  ماڻهو فارغ ڪيا پيا وڃن، بينڪن مان ڊالرز جا الڳ الڳ ريٽ ڏنا پيا وڃن، ذڪريا عثمان چيو ته امپورٽ جي کليل اجازت ڏني وڃي، مُلڪ انتشار طرف وڃي رهيو آهي، تقريب ۾ ڳالهائيندي شبير منشا چيو ته اسٽيٽ بينڪ جا آفيسر ايف پي سي سي آءِ جي نمائندن جي ڪال اٽينڊ ئي ناهن ڪلندا، صنعتڪارن وڌيڪ چيو ته مهانگائي جي خاتمي لاءِ ڀارت کان سستو مال گھرايو وڃي، جڏهن ته بند ٿيندڙ صنعتن جو وياج اسٽيٽ بينڪ پنهنجي ذمي وٺي. ان موقعي تي واپارين گورنر اسٽيٽ بينڪ کي واپار جون ڪنجيون وٺڻ جي آڇ ڪئي