ابو ظهبي/اسلام آباد (م ڊ+ بيورو رپورٽ) گڏيل عرب امارات جي صدر پاڪستان جي 2 ارب ڊالر قرض واپسي کي ملتوي ڪرڻ ۽ هڪ ارب ڊالر اضافي قرض ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. وزيراعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي دوري تي گڏيل عرب امارات پهچي ويو، شهبازشريف جو وزيراعظم بڻجن کانپوءِ يو اي اي جو هي ٽيون دورو آهي، وزيراعظم شهباز شريف ابو ظهبي ۾ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته ان موقعي تي گڏيل عرب امارتن جي صدر 2 ارب ڊالرن جي قرض کي ملتوي ڪرڻ ۽ هڪ ارب ڊالر واڌو قرض ڏيڻ جو اعلان ڪيو. شيخ محمد بن زايد النهيان وزيراعظم شهباز شريف جي ابو ظهبي ۾ آجيان ڪئي ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي خواهش جو اظهار ڪيو. ماراتي صدر ٻنهي ملڪن ۾ تاريخي لاڳاپن ۽ گڏيل عرب امارتن ۾ به پاڪستاني برادري جي خدمتن جي تعريف ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم شهبازشريف اماراتي صدر کي پاڪستان جي سرڪاري دوري تي دعوت ڏني، جنهن تي هن رضامندي ڏيکاري پر تاريخ جو فيصلو سفارتي ذريعن کان ڪيو ويندو. ان کان اڳ سعودي فنڊ جي سي اي او سلطان المرشد جي سربراهي ۾ 4 رڪني وفد وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته شهزاده محمد بن سلمان طرفان ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ هڪ ارب ڊالر جي امداد جي اعلان تي ٿورو مڃيون ٿا، سعودي عرب هميشه مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي، پاڪستان ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ سعودي عرب جي امداد کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ملاقات دوران پاڪستان ۾ سعودي عرب جي مختلف ترقياتي منصوبن جو به جائزو ورتو ويو، ملاقات ۾ ناڻي وزير اسحاق ڊار، قانون وارو وزير اعظم نذير تارڙ،  وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسر به شامل هئا. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سعودي عرب هميشه مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي، شهزاده محمد بن سلمان طرفان ٻوڏ متاثرن جي بحالي جي لاءِ هڪ ارب ڊالر جي امداد تي ٿورائتا  آهيون،

اسلام باد: پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ تيل شين تي مالي سهڪار لاءِ هڪ ارب ڊالرن جي معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون، اقتصادي معاملن واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب خادمين حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد محمد بن سلمان جي هدايت تي سعودي فنڊ فار ڊولپمينٽ (ايس ايف ڊي) جي سي اي او سلطان عبدالرحمان المرشد ۽ پاڪستان ۾ اقتصادي معاملن واري سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز پاڪستان کي تيل جي مد ۾ هڪ ارب ڊالرن جي مالي مدد جي معاهدي تي صحيحون ڪيون. اقتصادي معاملن واري وزارت چيو ته پاڪستان کي پائيدار معاشي اوسر ۽ معاشي مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ لاءِ مدد فراهم ڪرڻ جي مقصد سان هي اسٽريٽجڪ معاهدو ڪيو ويو آهي ۽ اهو سعودي عرب جي حڪومت جي برادر ملڪ سان جاري تعاون جو تسلسل آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايس ايف ڊي 2019ع ۽ 2021ع ۾ تيل شين جي مد ۾ مالي مدد لاءِ 4.44 بلين ڊالر جي معاهدن تي پڻ صحيح ڪئي وئي هئي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو معاهدو سعودي عرب جي حڪومت پاران ايس اي ڊي ايف ۽ پاڪستاني اختيارين جي ذريعي ملڪ ۾ ترقي کي وڌائڻ لاءِ کنيل قدمن جو عڪاسي آهي. اقتصادي معاملن واري وزارت هڪ بيان ۾ چيو ته ايس ايف ڊي قيام کان وٺي هن وقت تائين پاڪستان جي توانائي، پاڻي، ٽرانسپورٽ ۽ انفراسٽرڪچر جي مختلف ترقياتي شعبن ۾ لڳ ڀڳ 1.4 بلين ڊالرن جي 40 کان وڌيڪ منصوبن ۽ پروگرامن جي مالي مدد ڪئي آهي.