لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزارت جي مبينا غلط پاليسين سبب عراق ۽ ايران ۾ زيارتن لاءِ ويل هزارين پانڌيئڙا ڦاسي پيا، عراقي حڪومت هزارن جي تعداد ۾ پانڌيئڙن جا پاسپورٽ ضبط ڪري ڇڏيا، ڪيترن ئي پانڌيئڙن جون فلائيٽون نڪري ويون، ويزا باوجود گاڏين تي سفر ڪري پاڪستان – ايران بارڊر تي پهتل هزارين پانڌيئڙن کي زيارت جي اجازت نه ملي جيڪي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. ان حوالي سان عراق جي شهر بغداد ۾ ڦاٿل لاڙڪاڻي واسي پانڌيئڙن ايڊووڪيٽ جهانگير کچي، بشير ڏهراج، اسلم حيدر شاهاڻي ۽ ٻين فون ذريعي لاڙڪاڻي جي صحافين کي ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ اسان کي اسلام آباد مان پرڏيهي وزارت طرفان اربعين جي لاءِ ويزائون جاري ڪيون ويون جنهن کان پوءِ اسان پاسپورٽ کڻي مختلف جهازن جي ذريعي عراق جي شهر بغداد آياسين جتي پهچڻ شرط عراقي وزارت سياحت طرفان اسان جا سمورا پاسپورٽ ضبط ڪري اسان کي شهر اندر داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيندي هدايت ڪئي ته توهان جنهن روٽ سان آيا آهيون ان ئي روٽ سان ٻيهر پاڪستان وڃو جڏهن ته ويزا وٺڻ وقت پرڏيهي وزارت طرفان اهڙي قسم جي ڪا به پاليسي نه هئي، عراق ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۽ عراقي وزارت سياحت جي ملي ڀڳت سان اسان کي اهڙي پاليسي بابت اڳواٽ ڄاڻ ڏيڻ بجاءِ اسان سان وڏي ناانصافي ڪئي وئي آهي. هنن ٻڌايو ته پرڏيهي وزرات جي غلط پاليسين سبب پاڪستان کان زيارتن لاءِ گاڏين ۾ سفر ڪري پاڪستان – ايران بارڊر پهتل پانڌيئڙن کي ڪيترن ئي ڏينهن کان اتي غيرقانوني ترسائي ايران ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ بجاءِ انهن کي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي جن جي حالت انتهائي خراب آهي ان لاءِ اسان عراق ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ سفير امجد اسلام امجد ۽ ٻين عملدارن سان ملاقات ڪري کين آگاهي ڏني پر انهن به اسان کي ڪا به موٽ نه هئي. هنن چيو ته پاسپورٽ ضبط ٿيڻ جي ڪري اسان جون ڪيتريون ئي فلائيٽون نڪري ويون آهن ۽ پاڪ – ايران بارڊر تي ڦاٿل پانڌيئڙن جي ايران ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ ويزا جو مدو شروع ٿيندو پر ان کان اڳ انهن جي ويزائن جي مدي کي پورو ڄاڻائي کين بغير زيارتن جي نيڪالي ڏني پئي وڃي اهڙن حالتن جي باوجود هن وقت تائين وفاقي حڪومت توڙي عراق ۽ ايران ۾ قائم پاڪستاني سفارتخانه ان اهم مسئلي ڏانهن ڪو به ڌيان ناهي ڏنو جنهن ڪري اسين سخت پريشانيءَ ۾ مبتلا آهيون. هنن وزيراعظم شهباز شريف، پرڏيهي وزير ۽ پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جا پاسپورٽ واپس ڏياري پاڪ – ايران بارڊر تي ڦاٿل پانڌيئڙن کي ايران ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي جيئن هو زيارتون ڪري سگهن.