ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ لياري گينگ جي مک ڪردار عذير بلوچ خلاف ڌماڪيدار مادو هٿ  اچڻ واري ڪيس ۾ رينجرز جي ڊي ايس آر اهم بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو، ڪالهه ٻڌڻي دوران رينجرز جي آفيسر جهانزيب خان پنهنجو بيان قلمبند ڪرائيندي چيو ته عذير بلوچ جاچ دوران گارڊن واري علائقي ۾ بارود ۽ هٿيار پورڻ جو انڪشاف ڪيو، عذير جي  نشاندهي تي زمين ۾ پوريل ايل ايم جي، راڪيٽ لانچر، دستي بم، گوليون ۽ ٻيا هٿيار هٿ ڪيا ويا،سمورن هٿيارن کي ضابطي موجب فارنزڪ لاءِ اماڻيو ويو، هن پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته سٽي ڪورٽ جي مال خاني کي  لڳل باهه ۾ ڪيس جي پراپرٽي سڙي وئي، جوابدار عزير بلوچ جي وڪيل طرفان شاهد کان آڏي پُڇا پڻ مڪمل ڪئي وئي آهي، جنهن بعد عدالت وڌيڪ شاهدن کي طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.