عدنان ٽيپو ماڌوري سان گڏ فلم ڪرڻ لاءِ 9 آڊيشن ڏنا

0
219

ڪراچي (ڪلچرل رپورٽر) پاڪستاني ڊرامه انڊسٽري ۾ جاندار ادا ڪاري سبب نالو ڪمائيندڙ اداڪار عدنان شاهه ٽيپو انڪشاف ڪيو آهي ته کيس سدا بهار اداڪاره ماڌوري ڊڪشٽ سان گڏ فلم ڪرڻ لاءِ هن 9 آڊيشن ڏنا. خانگي ويب چينل کي انٽرويو ڏيندي عدنان شاهه ٽيپو چيو ته کيس ماڌوري سان گڏ فلم جي آڇ پڻ ڪئي وئي هئي.

فلم ساز وشال ڀاردواج سان منهنجي ڳالهه ٻول هلي رهي هئي، هن مون کي چيو ته فلم ۾ هڪ ڪردار لاءِ منهنجو دوست ڪاسٽنگ ڊائريڪٽر هني ٿرن توهان جو آڊيشن وٺڻ چاهي ٿو. هن ٻڌايو ته 2014ع ۾ “ڏيڍ عشقيه” ۾ کيس نواب جي ڪردار جي آڇ ٿي هئي، جنهن لاءِ هن 9 آڊيشن ڏنا، جنهن ۾ هو ڪامياب ٿيو. انهن ڏينهن ۾ ڪنهن کي به ڀارتي ويزا نه ملي رهي هئي ان ڪري ڀارد واج پاڻ دهلي ويو ۽ هن منهنجي ويزا لاءِ ڪوششون ڪيون پر ناڪام رهيو. ان فلم ۾ ارشد وارثي ۽ نصير الدين شاهه به هئا. اهڙن ماڻهن سان گڏ ڪم ڪرڻ سان انسان جو فن نکري وڃي ٿو. انٽرويو دوران هن چيو ته صرف ويزا جي ڪري آئون فلم نه ڪري سگھيس. جنهن جو ڪافي رنج اٿم. هن چيو ته آئون ماڌوري جو تمام گھڻو احترام ڪندو آهيان، هوءَ تمام بهترين ڪم ڪري ٿي.