حيدرآباد: نوائي بعد اڳوڻي ڊي سي جي وڪيل منير احمد راڄپر ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران ٻڌايو ته ڊپٽي ڪمشنر ڪو به اعتراف نه ڪيو آهي. اينٽي ڪرپشن پوليس ڊپٽي ڪمشنر کي سندس مائٽن سان ملاقات به نٿي ڪرائي ۽ ڪو رجوع ٿو ڪري ته پوليس ان کي به تحويل ۾ وٺي گم ڪريو ڇڏي. پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ فياض علي شاهه ميڊيا آڏو انڪشاف ڪيو ته هن چيو ته گرفتار اڳوڻي ڊي سي عدنان رشيد اعتراف ڪيو آهي ته هن رقم پنجاب منتقل ڪري ڇڏي آهي. اهڙن ڪيسن ۾ جوابدار پوليس تي تشدد جا الزام هڻن ٿا. هن چيو ته ڄاڻايل ڪيس ۾ هيستائين رڳو ڊي سي گرفتار ٿيو آهي. ڄاڻايل رقم وفاق جي نه پر سنڌ حڪومت جي آهي وفاق رقم سنڌ حوالي ڪئي هئي.