سن: سن ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ پاران سائين جي ايم سيد جي 119هين سالگرھ تقريب ڪوٺائي وئي،  جسقم چيئرمين صنعان قريشي،امجد خان مهيسر ،مومن سمون ،ديدار شام ،ڏاڏو اطهر سومرو جي اڳواڻي ۾ سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي سلامي پيش ڪئي وئي، جنهن بعد جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي مرڪزي قيادت سان گڏ رھبر سنڌ سائين جي سالگرھ جو ڪيڪ ڪٽي جلسي جي شروعات ڪئي، جلسي کي خطاب ڪندي   صنعان خان قريشي چيو ته سائين جي ايم سيد  60 کان وڌيڪ ڪتاب لکي مذهب جي درست تشريح ڪئي، تصوف جو فڪر عام ڪيو، هن ماڻهن ۾ هڪڙائي، سهپ ۽ رواداري پيدا ڪرڻ لاءِ ڪتاب لکيا، هن چيو ته دنيا ۾ امن ڀائيچارو قائم رکڻ لاءِ ترقي بني آدم ۽ پيار، محبت سواءِ ڪو رستو ناهي،  هن چيو ته معاشرو نفرت، ويڙھ سان نه پر محبت ۽ ڀائيچاري سان تبديل ٿيندو، سائين جي ايم سيد جي سالگراهه ملهائڻ کان روڪيو پيو وڃي،  جسقم جي قافلن کي روڪيو ويو آهي، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيا ويا آهن، سن کي نوگو ايريا بڻايو ويو آهي،   سيد جي فڪر جي روشني ۾ سنڌ جي مالڪي ڪري رهيا آهيون. جسقم چيئرمين چيو ته  حڪمرانن سنڌ کي هٿ سان ٻوڙي ٻڏل سنڌ جا سمورا حق هڙپ ڪيا ۽ هاڻي هٿرادو مهانگائي ڪري سنڌ ۾  اٽي جي کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، جنهن تي 12 فيبروري تي نوشيروز ۾ احتجاج ۽ ريلي جو اعلان ڪيا ٿو. ان موقعي تي  امجد خان مهيسر، ديدار شام   ڪندي چيو ته ڪارڪن پرامن ۽ هٿين خالي آهن، جن جي تلاشي مان رڳو ڪتاب ۽ قلم ملي سگهي ٿو، تنهن باوجود حالتون خراب ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي.