عدليه کي ورھائڻ جي سازش ۽ اليڪشن ڪميشن جي مٿان پوندڙ دٻاءُ

0
105
تخت لاھور جي ڪرسي ، عدليه جو امتحان

 بي اعتمادي جي شروع ٿيل رسم ملڪ جي آئيني ادارن کان وٺي معاشي بحران سان گڏ خاندانن جي اندر صدين جي رشتن کي ذاتي انا جي نظر ڪندي ورھائي ڇڏيو آهي. بي يقيني واري صورتحال جي ڪري اسٽاڪ ايڪسچينج ڏيوالي جو شڪار ٿي وئي آهي ته ڊالر جي مٿي اڏام جاري آهي. حڪمران اتحاد ھر صورت ۾ پي ٽي آئي جي سربراهه عمران خان کي گرفتار ڪري فارين فنڊ ڪيس جو فوري طور تي فيصلو جاري ڪرڻ جو اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪري رهيو آهي ته مٿان پي ٽي آئي قيادت پاران چيف اليڪشن ڪمشنر سميت ڪميشن جي ميمبرن خلاف جوڊيشل ريفرنس داخل ڪرڻ جو اعلان ڪندي قانوني ٽيم کي تياري ڪرڻ جون ھدايتون ڏئي ڇڏيون آھن. ھوڏانھن برساتن جي ڪري بلوچستان سميت سنڌ ۾ جيڪا تباھي ٿي ڇڏي آهي ان جو 30 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي ليڪن حڪمران اشرافيه پاران سڀ بھتر ھئڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي. اتحادي حڪومت کي 100 ڏينھن کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي شھباز حڪومت جو ھني مون به ختم ٿي ويو آهي

ان سڄي عرصي جي دوران حڪومت ڪنھن به شيءَ تي ڪنٽرول ڪندي نظر نه پئي اچي. عمران خان کي اقتدار مان ڪڍڻ کان وٺي حڪومت ۾ اچڻ تائين 12 جماعتي اتحاد دعويٰ ڪندو رھيو ته عمران خان جو سڄو گند صاف ڪري ملڪ کي ترقي جي رستي تي آندو ويندو، کير جون نديون وهائي غربت جو خاتمو آندو ويندو پر حڪمران اشرافيه جي ارمانن تي ان وقت پاڻي پئجي ويو جو آئي ايم ايف جي سخت شرطن جي آڏو گوڏا کوڙيندي پيٽروليم مصنوعات سان گڏوگڏ بجلي گئس جي قيمتن ۾مسلسل اضافو ڪرڻو پئجي ويو.

جنھن جي نتيجي۾ هڪ طرف مھانگائي جو  اهڙوطوفان  پيدا ٿي ويو جو عام ماڻهو جي خريداري جي قوت ختم ٿيڻ لڳي ته مٿان ڊالر کي پر لڳي ويا ۽ ڊالر جي قيمت ۾ ملڪي تاريخ ۾ وڏو اضافو  ٿي ويو.

پنجاب ۾ حمزه شهباز جي حڪومت جي خاتمي لاءِ سپريم ڪورٽ چوڌري پرويز الاهي جي درخواست تي پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جي خلاف فيصلو ڏيندي پرويز الاهي کي ڪامياب قرار ڏنو ته نواز شريف کان وٺي حڪومتي اتحاد ۾ شامل قيادتن عدليه جي خلاف جيڪا زبان استعمال ڪندي رويو اختيار ڪيو اھو سڄي قوم جي آڏو آهي. محسوس ايئن ٿي رھيو آھي ته اهو رويو اڳتي هلي وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو، جنھن جو پهريون مثال عدليه ۽ بار جي درميان ٽڪراءَ پيدا ٿيندي نظر آيو، ته فل ڪورٽ جي قيام جي مطالبي جي سپريم ڪورٽ جي اڳوڻن صدرن جي بيانن مان به ظاهر ٿي ويو.  چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي اجلاس ۾ ھاءِ ڪورٽن جي ججن جي مقرري جي معاملي تي سينئر ترين جج جسٽس فائز عيسيٰ سميت پنج ميمبرن اختلاف ڪري ڇڏيو.

چيو وڃي ٿو ته چيف جسٽس عمر عطا بنديال لاھور ھاءِ ڪورٽ ۽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي سينيئر ججن کي نظرانداز ڪري جونيئر ججن کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪرڻ پئي چاهيو. اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطھر من الله کي به نظر انداز ڪيو پئي ويو جڏهن ته جسٽس فائز عيسيٰ سميت باقي اڪثريتي ميمبرن جو موقف ھو ته ھاءِ ڪورٽن مان سينيئر ترين ججن کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪيو وڃي. جڏهن ته اھڙي تاثر کي ختم ڪرڻ لاءِ چيف جسٽس عمر عطا بنديال اجلاس جي آڊيو رڪارڊنگ سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تي عام ڪري ڇڏي ته اٽارني جنرل سميت ٻين ميمبرن جي راءِ تي ڪائونسل جو اجلاس ملتوي ڪيو ويو حالانڪه ان اجلاس جي حوالي سان حڪومتي سطح تي اھو به تاثر ڏياريو ويو ته عدليه ورھائجي وئي آهي. ان حوالي سان نواز ليگ جو ڪردار ڪنھن کان ڳجھو ناھي رھيو جن ماضي ۾ نه صرف عدليه تي حملو ڪيو بلڪه ججن کي تقسيم ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو ھو. ھن وقت به اتحادين جي ڪلهي تي بندوق رکي هلائي پئي وڃي ته جيئن پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي سگهي. گجرات جي چوڌري خاندان جي تقسيم ٿيڻ جو ڪنھن جي خواب خيال ۾به نه هو ليڪن ان کي مڪافات عمل چئي سگهجي ٿو

جڏهن 1999ع ۾ نواز شريف جي حڪومت جي خاتمي ۽ پرويز مشرف جو اقتدار ۾اچڻ کانپوءِ چوڌري شجاعت حسين ۽ پرويز الاهي جنرل پرويز مشرف جي اشاري تي نواز شريف سان اختلاف ڪندي لاھور ۽ اسلام آباد ۾ نواز ليگ ھائوسز تي  پوليس ۽ ايجنسين جي طاقت سان نه صرف قبضو ڪيو بلڪه ميان اظھر کي ق ليگ مان نيڪالي ڏئي ڇڏي. ساڳيو ورتاءُ چوڌري شجاعت حسين سان ٿي ويو آهي جو پرويز الاهي جي ھڪ اشاري تي کيس پارٽي قيادت تان ھٽائيندي سينيٽر ڪامل علي آغا کان اعلان ڪرايو ويو ته پارٽي جي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن پرويز الاهي جي قيادت تي اعتماد ڪري ڇڏيو آهي.

پنجاب ۾ پي ٽي آئي جي حڪومت ھڪ دفعو ٻيھر قائم ٿيڻ کان پوءِ حڪمران اتحاد ان حد تائين ھيٺ اچي ويو آهي جو شاھد خاقان عباسي جي قيادت ۾ وفد چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر راجا سان ملاقات ڪري مطالبو ڪيو ته عمران خان جي خلاف پي ٽي آئي جي فارين فنڊنگ جو محفوظ ڪيل فيصلو جلد ٻڌائي بي يقيني کي ختم ڪيو وڃي. جڏهن ته حڪومتي وفد جي اھڙي ملاقات کي بنياد بنائي پي ٽي آئي جي قيادت پاران چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر راجا ۽ ڪميشن جي ٻين ميمبرن جي خلاف جوڊيشل ڪميشن ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويوآهي.

ھتي اھو سوال پيدا ٿئي ٿو ته ادارن کي دٻاءَ ۾ آڻي فيصلا ڪرائڻ جي روش ڪڏهن ختم ٿيندي؟ ڇا ادارا پنهنجي ضمير ۽ خودمختياري، آزادي سان فيصلو ڪرڻ جي سگهه نه ٿا رکن يا وري بغير ڪنهن دٻاءُ ۾ اچي فيصلو ڪندا. ان ڳالهه کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي ته ادارن کي ذاتي انا جي خاطر استعمال ڪيو ويو جنھن جي نتيجي ۾ اڄ ملڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي واري ٿي وئي آهي پر حڪمران اشرافيه تي ان جو ڪوبه اثر پوندي نظر نه پيو اچي.

ملڪ جي اندر مسلسل ھڪ مھيني کان مٿي برساتون وسنديون رھيون آھن امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اھي برساتون اڃا به پونديون، خاص طور تي بلوچستان ۾برساتن جي ڪري جيڪا تباھي آئي آهي ان پوين   30 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. پر بدقسمتي سان جڏهن بلوچستان جو عوام بي گھر ٿي رھيو ھو معصوم ٻار ۽ جانور برساتي پاڻي ۾لڙهي مري رھيا ھئا ته ان وقت حڪمران اشرافيه اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ حمزه شهباز جي حڪومت بچائڻ ۾ مصروف ھئا کين بلوچستان جي تباھي نظر نه پئي آئي.

جڏهن ته اردو ميڊيا جو ڪردار به ان حوالي سان مايوس ڪندڙ هو ڇو ته محسوس ٿي رهيو هو ته سندن اکيون بند ٿي ويون ھيون کين صرف اسلام آباد ۾ حڪومت ۽ عدليه جو ٽڪراءَ نظر اچي رهيو هو. اھڙن روين جي ڪري بلوچستان جو عوام ھميشھ مرڪزيت ۽ اردو ميڊيا کي ڏوراپو ڏيندو رھيو آھي ته کين ڪيئن نظر انداز ڪيو ويندو آهي جيڪو ھاڻي حقيقت ۾ نظر اچي رهيو آهي. تجزيا نگار مھر بخاري ھڪ ٽي وي چينل تي اعتراف ڪيو ته واقعي ميڊيا تازين برساتن جي تباهڪارين ۾ بلوچستان کي نظر انداز ڪري زيادتي ڪئي. بھرحال بلوچستان سان گڏ سنڌ ۾ به برساتن سبب نقصان پھتو آھي ليڪن وڌيڪ نقصان جوھي جي ڪاڇي ۾ ٿيو آهي جنهن ۾جاني مالي نقصان ۽ سڄي ڪاڇي جو زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي. وڏي وزير مراد علي شاھه ڪراچي ۾ برسات جو پاڻي ڪڍڻ لاءِ وزيرن سان ٽي وي چينلن تي خبرن ۾ نظر پئي آيو، آخر ڪار ان کي وقت ملي ويو جنهن جوھي جي ڪاڇي ۾ آيل تباھين جو ھوائي جائزو وٺي ذميواري پوري ڪئي.