عدليه کي مشورن بجاءِ آئين تحت فيصلا ڪرڻ کپن

0
191
تخت لاھور جي ڪرسي ، عدليه جو امتحان

 ملڪ جي اعليٰ عدليه پاران پي ٽي آءِ قيادت کي واپس قومي اسيمبلي ۾ شرڪت ڪرڻ جي حوالي سان ڏنل تجويز سماج جي پراڻي قومي سرداري جرڳن جي فرسوده رسمون ياد ڏياري ڇڏيون آهن، جن فرسوده رسمن واري نظام کي عدليھ پاڻ ختم ڪري ڇڏيو هو. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال پي ٽي آءِ جي قيادت سميت 123 ميمبرن پاران ڏنل استعيفائن واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران قيادت کي مشورو ڏنو ته هو واپس قومي اسيمبلي ۾وڃن ڇو ته عوام کين پنجن سالن جي لاءِ چونڊيو آهي. ھن وقت ٻوڏ سبب ڪروڙين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن ملڪ جي معاشي حالت به ته ڏسو ، پي ٽي آءِ کي اندازو آھي ته 123سيٽن تي ننڍي چونڊ ۾ ڪيترو خرچ ايندو؟ چيف جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ۾ اھو به چيو ته اسپيڪر جي ڪم ۾ مداخلت عدليه لاءِ ڏکيائي جو ڪم پڻ آھي اعليٰ عدليه جي چيف جسٽس جي اھڙي مشوري ۽ ريمارڪس سامھون اچڻ کان پوءِ ملڪ جي اندر ھڪ نئون بحث شروع ٿي ويو آهي ته ملڪ جي اعليٰ عدليه کي ھن موقعي تي ان قسم جو پي ٽي آءِ قيادت کي مشورو ڏيڻ بجاءِ عدليه کي آئين قانون  تحت ڪيس جي ٻڌڻي ڪري فيصلو ڪرڻ گهرجي،

باقي عدليه کي قومي سرداري جرڳن جي فرسوده رسمن وانگر ان قسم جو مشورو ڏيڻ بھتر عمل نھ آھي. تقريبن 10 سال اڳ ان وقت جي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس افتخار چوڌري ان قسم جي قومي سرداري جرڳن جي خلاف پاڻ مرادو نوٽيس وٺندي ان وقت پيپلزپارٽي جي اڳواڻ مير ھزار خان بجاراڻي کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھو. مير ھزار خان بجاراڻي تي الزام ھو ته ھن قبائلي فيصلو ڪري ھڪ ڌر جي معصوم نياڻي کي عيوضي طور تي ٻي ڌر جي حق ۾فيصلو ڏنو جنھن کان پوءِ مير ھزار خان بجاراڻي عدليه کان معافي وٺي پاڻ کي آجو ڪرايو ھو ۽ ان وقت چيف جسٽس افتخار چوڌري کي بلوچستان جي چيف سيڪريٽري پڻ مير ھزار خان بجاراڻي لاءِ سفارش ڪئي ھئي.

ھتي ان قسم جي فرسوده رسمن واري سرداري جرڳن جي نظام جو ذڪر ڪرڻ جو مقصد صرف ھڪ آھي ته ملڪ جي اعليٰ عدليه کي آئين قانون جي مطابق ڪيسن جي ٻڌڻي ڪري فيصلو ڪرڻ گهرجي. ھن وقت اعليٰ عدليه جي آڏو پي ٽي آءِ جي قيادت سميت 123 ميمبرن جي گڏيل استعيفائن جي درخواست سماعت لاءِ مقرر ٿي بينچ جي سربراهه چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي آڏو پيش ٿي چڪي آهي ته اھا درخواست قابل سماعت آھي به يانه؟جيڪڏهن قابل سماعت آھي ته پوءِ عدليه کي آئين قانون جي مطابق قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ استعيفا ڏيندڙ ميمبرن جو موقف ٻڌي فيصلو ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن چيف جسٽس عمر عطا بنديال پاران ڏنل مشوري جو جائزو ورتو ويندو ته پوءِ ان مشوري جي قانوني حيثيت نه هوندي ڇو ته جيڪا پارٽي حڪومت مان نڪرڻ کان پوءِ ان پارليامينٽ ۾ شريڪ ٿيڻ نھ ٿي چاھي ڇاڪاڻ تھ بقول عمران خان جي ته سازش جي تحت سندس حڪومت کي ختم ڪيو ويو، ان ۾ آمريڪا ۽ ملڪي اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار شامل رھيو، ٻيو اھو ته اعليٰ عدليه جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي ان ريمارڪس سان اتفاق ڪجي ته اسپيڪر جي ڪم ۾ مداخلت عدليه لاءِ ڏکيائي جو ڪم پڻ آھي پر اڳ ۾ مثال موجود آھي تھ  بي اعتمادي جي رٿ وقت ان وقت جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري مخالف ڌر جي رٿ کي سازش قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو هو ته چيف جسٽس عمر عطا بنديال موڪل جو ڏينهن ھئڻ جي باوجود پنهنجي گھر تي ساٿي ججن کي گھرائي مشورو ڪرڻ بعد پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو ھو ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ کي آئين جي خلاف قرار ڏئي ڇڏيو ھو،

جنھن جي نتيجي ۾ اھا تبديلي آئي جيڪا آئين قانون جي مطابق آئي. ان حوالي سان پي ٽي آءِ جي استعيفائن کي سامھون رکجي ته اھو انھن جو آئيني قانوني حق آھي ۽ اسپيڪر ان ڳالهه جو پابند آهي ته ھو استعيفائون منظور ڪري اليڪشن ڪميشن کي لاڳاپيل خالي تڪن تي ننڍي چونڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي پر بعد قسمتي سان ھتي ھر شيءَ کي ھر شخص ادارو پنھنجي مرضي مطابق ھلائڻ چاھي ٿو. عمران خان صدر عارف علوي کي قومي اسيمبلي ٽوڙي نئين سر چونڊون ڪرائڻ جو مشورو ڏنو ۽ صدر عارف علوي اليڪشن ڪميشن کان چونڊون ڪرائڻ جي تاريخ گھري ته اليڪشن ڪميشن صدر کي آڪٽوبر نومبر مھيني تائين چونڊون ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو حالانڪھ اليڪشن ڪميشن جو ڪم ملڪ ۾ عام يا ننڍي چونڊ سان گڏ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ آھي، ليڪن بعد قسمتي سان اھي ادارا سياست جي نذر ٿيڻ سبب ڪنھن به ان جي نتيجن کي ھن وقت تائين قبول ناهي ڪيو. ھاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ جي اعليٰ عدليه  بھ سياسي پارٽين کي مشورو ڏيڻ بجاءِ آئين قانون جي مطابق فيصلو ڪري، خرچن جو ڪاٿو لڳائڻ اليڪشن ڪميشن جو آھي، رقم جاري ڪرڻ وقت جي حڪمرانن جو ڪم آھي، باقي جيڪڏهن 2014ع  ۾ نواز شريف جي حڪومت جي خلاف عمران خان ڌرڻو هڻڻ کان پوءِ قومي اسيمبلي تان استعيفا ڏئي ڇڏي ته ان وقت جي اسپيڪر سردار اياز صادق سياسي مصلحت پسندي جو مظاهرو ڪندي پي ٽي آءِ جي ميمبرن جون استعيفائون منظور نه ڪيون ۽ ھن وقت نواز ليگ وارا پاڻ تسليم ڪري رھيا آھن ته کين ان وقت استعيفائون منظور ڪرڻ کپن ھا.

بھرحال پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان کي اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ مان دھشتگردي واري ڪيس ۾ وڏو رليف ملڻ کان پوءِ توھين عدالت ڪيس ۾ به عدالت پاران مٿس فرد جرم لاڳو نه ڪرڻ ۽ عمران خان پاران سيشن جج زيبا کان معافي وٺڻ ۽ عدالتن جو احترام ڪرڻ جي حوالي سان ڏنل بيان ھڪ دفعو ٻيھر شھباز حڪومت کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. ڇو ته حڪومت جي پوري ڪوشش آھي ته ڪھڙي به طريقي سان عمران خان کي نااهل ڪرايو وڃي ان جي ڪري حڪومت ھر قسم جا حربا استعمال ڪري رھي آھي، سندس اتحادي به اھوئي چاھن ٿا پر کين اھو رستو نظر نه پيو اچي، جيڪو ھو اختيار ڪن، ان لاءِ عمران خان  خلاف مذھبي ڪارڊ به کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ھوڏانھن عمران خان ھڪ دفعو ٻيھر اسلام آباد تي چڙھائي ڪرڻ جي حوالي سان حڪومت کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ته جلد عوام کي اسلام آباد طرف لانگ مارچ جو سڏ ڏيندو جيڪو حڪومت جي خاتمي جو آخري اعلان ھوندو. ٻئي طرف گھرو وزير رانا ثناءُالله جو چوڻ آهي ته عمران خان جو استقبال 25 مئي کان وڌيڪ بھتر ڪيو ويندو ھن دفعي کيس اسلام آباد تي چڙھائي جو اندازو ٿي ويندو.