ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سينيئر وڪيل اڳواڻن عدليه کي سياست کان پاڪ هجڻ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ سينارٽي جي بنياد تي جج مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ڪراچي پريس ڪلب ۾ سنڌي ججن کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر نه ڪرڻ  بابت ڊائلاگ ٿيو، جنهن کي سپريم جوڊيشل ڪميشن جي ميمبر ايڊووڪيٽ اختر حسين، بيرسٽر صلاح الدين، اي بي لاشاري، وھاب بلوچ، پروفيسر اعجاز قريشي ۽ مسعود نوراني  خطاب ڪندي  چيو ته عدليه کي سياست کان پاڪ هجڻ گهرجي، سنڌ ۾ جوڊيشل ڪميشن ان ڪري ٺهي جو باٿ آئلينڊ واري سرڪٽ هائوس ۾ پاڻي ختم ٿي ويو هو، انهي جو  پاڻ مرادو نوٽيس ورتو ويو، هنن چيو ته اسان فردن جي ڳالهه  نٿا ڪريون، اعليٰ عدليه ۾  سينيارٽي جي بنياد تي ججن جي مقرري واري فارمولي تي عمل ڪيو وڃي، جيڪو جج مستقل ٿي وڃي ٿو ته پوءِ ان کي نااهل نٿو چئي سگهجي، هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي قابل نه سڏڻ تي تڪليف ٿئي ٿي.