لاهور (م ڊ) پي ٽي آءِ وفد لاهور ۾ آءِ جي پنجاب سان ملاقات ڪئي، عمران خان جي وارنٽ سوڌو ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ملاقات بعد پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آءِ جي پنجاب سان عمران خان جي سيڪيورٽي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، مينار پاڪستان تي جلسي بابت پڻ ڳالهايو هو، اسان عدالتن جو احترام ڪريون ٿا، عدالت ۾ پيش ٿينداسين، رتوڇاڻ اسان جي پاليسي نه آهي، اسان پهرين به قانوني دڳ ورتا هئا.