عدالت کي پارليامينٽ تي اعتماد آهي پر عوام جو اعتماد عدليه تي آهي: سپريم ڪورٽ

0
228
عدالت کي پارليامينٽ تي اعتماد آهي
عدالت کي پارليامينٽ تي اعتماد آهي پر عوام جو اعتماد عدليه تي آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته عدالت کي پارليامينٽ تي اعتماد آهي پر عوام جو اعتماد عدليه تي آهي
نيب ترميمن خلاف عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي دوران وفاقي سرڪار جي وڪيل مخدوم علي خان سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ آڏو دليل ڏنا
وفاقي سرڪار جي وڪيل دليل ڏنا ته نيب قانون ۾ ترميم وقت اسيمبلي ميمبرن جي اڪثريت منظوري ڏني، نيب ترميمن جي منظوري وقت 159 ميمبر اسيمبلي ۾ موجود هئا
چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته سوال اهو آهي ته قانونسازي جي وقت ڇا اپوزيشن جي موجودگي ضروري آهي؟ ضروري نه آهي ته قانون کي ئي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، قانون کي ڪالعدم قرار ڏيڻ کانسواءِ عدالت وٽ ٻيا آپشن به موجود آهن
جسٽس منصور علي شاهه چيو ته نيب ترميمون بنيادي حقن سان ٽڪراءَ ۾ هونديون ته تڏهن ئي عدالت آپشنز تي غور ڪندي
چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته سوال اهو آهي ته فيصلو ڪرڻ وقت عدالت ڪيترو اڳتي وڃي سگهي ٿي، هاڻوڪين نيب ترميمن سان احتساب جو معيار ڪريو آهي ته عدالت انهن ترميمن کي برقرار ڪيئن ٿي رکي سگهي؟
سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي 12 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي

هن کي به پڙهندا

ٻوڏ سبب خوراڪ جي کوٽ ۽ ٻيا مسئلا پيدا ٿيا: بلاول جي وضاحت

وزير اعظم پاران اٽي  جي بحران جا ذميوار صوبا قرار