ڊيرا اسماعيل خان (م ڊ)  جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته عدالت آهي يا پنچائت؟ عمران سان ڳالهيون نه ڪنداسين، سپريم ڪورٽ پنهنجي رويي ۾ لچڪ پيدا ڪري، اڳ هٿيارن جي ڇانو ۾ ڳالهين جو چيو ويندو هو هاڻي هٿوڙي جي زور تي مجبور ڪيو پيو وڃي، ڊيرا اسماعيل خان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته سپريم ڪورٽ پنهنجي پوزيشن واضح ڪري ته عدالت آهي يا پنچائت؟ اسين عدالتي ڏاڍ کي ڪنهن صورت برداشت نه ڪنداسين. ڊيرا اسماعيل خان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته آئين موجب 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ اڻٽر آهن پر عمران خان ڪنهن تاريخ تي اتفاق ڪري وٺي ته صحيح آهي. جنهن شخص کي سياست مان ٻاهر رکڻ گھربو هو سپريم ڪورٽ ان کي سياست جو محور بڻائي ورتو آهي. عدالت جنهن اختيار تحت ڌمڪيون ڏئي رهي آهي اهو ان جو اختيار ناهي رهيو.  هن چيو ته عدالت چوي ٿي ته عمران خان سان ڳالهيون ڪريون ۽ اليڪشن جي ڪنهن هڪ تاريخ تي اتفاق ڪريون، اسان موقف ڏنو ته عدالت پنهنجي پوزيشن واضح ڪري ته عدالت آهي يا جرڳو. هن چيو ته جنهن بينچ تي بي اعتمادي ڪئي آهي ان جي سامهون پيش ٿيندس؟ ان بينچ تي پارليامينٽ بي اعتمادي ظاهر ڪئي آهي ۽ ڪيتريون ئي قراردادون پاس ڪيون آهن. اٽارني جنرل به عدالت کي بيچ تي بي اعتمادي بابت ٻڌائي چڪو آهي. پي ڊي ايم سربراهه جو چوڻ هو ته عمران خان خلاف چار پنج ڪيس آهن، هو نااهل ٿي سگهي ٿو. عدالت عمران خان لاءِ لچڪ پيد اڪري سگهي ٿي ته اسان لاءِ ڇو لچڪ نه پئي ڏيکاري. سپريم ڪورٽ پنهنجي رويي ۾ لچڪ پيدا ڪري، اسين انصاف کي تسليم ڪريون ٿا. توهان جي هٿوڙي کي تسليم نه ڪنداسين. ڏاڍ سان فيصلا مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اسين عوام جي عدالت ۾ وينداسين. هن چيو ته سپريم ڪورٽ واضح ڌر وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. واضح ڌر بڻجي رهيا آهيو ته پوءِ سياست ۾ اچي وڃو. هن چيو ته اڳ هٿيارن جي ڇانو ۾ ڳالهين جو چيو ويندو هو هاڻي هٿوڙي جي زور تي مجبور ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته عمران خان پنهنجي ساڍن ٽن سالن جي ڪارگردگي ٻڌائي ، اڄ قوم ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي، قيمتن جي لاهن چاڙهن جوا ختيار آءِ ايم ايف وٽ آهي، اسٽيٽ بينڪ آءِ ايم ايف وٽ هليو ويو آهي، رپي جي قيمت وڌائڻ گھٽائڻ توهان جي  وس ۾ ناهي رهيو، قانون سازي ڪري عوام کي سهولتون فراهم ڪنداسين.