سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) استادن جي ڀرتين وارو معاملو، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ پاران تعليم جي معيار مطابق سڄي سنڌ کي هارڊ ايريا قرار ڏئي ڇڏيو. 40 کان گهٽ مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي آرڊر نه ڏيڻ جو حڪم ڏيندي عدالت تعليم واري صوبائي سيڪريٽري کي حڪومت طرفان هارڊ ايريا ڄاڻايل علائقن جو رڪارڊ 26 جنوري تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. استادن جي ڀرتي ۾ مبينا طور نظراندار ڪيل اميدوارن مهتاب بلو، ساجد بلو، محمد سليم شيخ طرفان پنهنجي وڪيل قربان کورکاڻي معرفت داخل ڪرايل درخواست جي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي جسٽس صلاح الدن پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي، ان دوران دخواستگذار اميدوارن جي وڪيل قربان کورکاڻي عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت مئرٽ کي نظرانداز ڪري 40 کان به گهٽ مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي ڀرتي ڪيو آهي. درخواست گذارن جوڙيل پاليسي تحت هر سبجيڪٽ ۾ 45 مارڪون کنيون آهن، حڪومت جي اهڙي قدم سان هر سبجيڪٽ ۾ 45 ۽ 55 مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي نظرانداز ڪري ڀرتي ناهي ڪيو ويو، عدالت ۾ موجود سرڪاري وڪيل جو چوڻ هو ته حڪومت ڪجهه علائقن کي هارڊ ايريا ڊڪليئر ڪري گهٽ مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي پاس ڄاڻائي آرڊر حوالي ڪيا آهن. ان تي جسٽس صلاح الدين پنهور رماڪس ڏيندي چيو ته تعليم جي حساب سان ته پوري سنڌ هارڊ ايريا آهي. ڪورٽ روم ۾ موجود ڪنهن به ماڻهوءَ جو اولاد سرڪاري اسڪول ۾ ناهي پڙهندو. جڏهن ته سرڪاري وڪيل موجب عدالت 40 کان گهٽ مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي نوڪريون نه ڏيڻ جو حڪم ڏيندي تعليم کاتي جي صوبائي سيڪريٽري کي حڪومت طرفان ڄاڻايل هارڊ ايريا وارن علائقن جو رڪارڊ 26 جنوري تائين پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.