ميرپورماٿيلو (ن پ ا)سنڌ هاءِ ڪورٽ بنگل  خان مھر جو ووٽ  ٽائون ڪاميٽي خانڳڙھ مان يوسي ۾ منتقل ڪرڻ واري درخواست خارج ڪري ڇڏي آھي، ان ڏس ۾ ايم اين اي محمد بخش خان مهر جي ڀاءُ بنگل خان مهر سنڌ هاءِ ڪورٽ برانچ سکر ۾  درخواست داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو هو ته اليڪشن ڪميشن وٽ ووٽ منتقلي واري درخواست جمع ڪرائڻ باوجود ووٽ منتقل ناهي ڪيو ويو، ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي وڪيل، ڪورٽ کي ٻڌايو ته مڪاني چونڊن جو شيڊول جاري ٿيڻ بعد بنگل خان درخواست ڏني، پاليسي موجب شيڊول جاري ٿيڻ بعد ووٽ منتقل نه ٿو ٿي سگھي، جنھن بعد عدالت بنگل خان مهر جي درخواست خارج ڪري ڇڏي. ياد رهي ته بنگل خان مهر ٽائون ڪاميٽي ۾ ووٽ داخل هجڻ سبب ضلعي ڪائونسل تي چونڊ وڙهڻ لاءِ فارم نه وٺي سگهيو، جنهن بعد هن پنهنجو يوسي ڪنڊلو ۾ منتقل ڪرائڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي.