ڪراچي (شوبز نيوز) عدالت ڪبرا خان جي درخواست تي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ توهين آميز بيانن جي وڊيوز ۽ تصويرن بابت عادل فاروق راجا ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي پي ٽي اي ۽ ايف آءِ اي کي مواد بلاڪ ڪري جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مشهور پاڪستاني اداڪارا ڪبرا خان پاران سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ سندس خلاف خبرن ۽ يوٽيوبر عادل فاروق ۽ ٻين خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي. اداڪارا درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته عادل فاروق راجا مون سميت 4 اداڪارن خلاف پروپيگنڊا ڪئي. بي بنياد پروپيگنڊا ڪري اسان جي ساک کي نقصان پهچايو ويو آهي. اسان فلم ۽ ٽيليويزن انڊسٽري ۾ محنت سان نالو ڪمايو آهي. عدالت عادل فاروق راجا ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو. دالت پي ٽي اي ۽ ايف آءِ اي کي مواد بلاڪ ڪرڻ ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 9 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.