سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ  اٻاوڙو جي يونين ڪائونسل 47 تي وائيس چيئرمين جي اميدوار ارشاد علي رند جي وڪيل عبدالنعيم پيرزادو طرفان داخل درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي ڪيس اڪلائي  ڇڏيو. وڪيل عبدالنعيم پيرزادو موجب  درخواست گذار پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته برادري تڪرار سبب جهيڙي جو خدشو آهي، تنهن ڪري عدالت ڄاڻايل يوسي تي پاڪ فوج ۽ رينجرس جي نگراني ۾ اليڪشن ڪرائڻ جو حڪم ڏئي. عدالت پاران طالب ڪرڻ تي رٽرننگ آفيسر عدالت ۾ پيش ٿي جواب داخل ڪرايو ته اليڪشن ڪميشن امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڪ فوج ۽ رينجرز جي نگراني ۾ اليڪشن ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهڙي موقف تي فريادي به اعتماد جو اظهار ڪيو جنهن تي عدالت ڪيس اڪيلائي ڇڏيو.