ڪراچي (م ڊ) تحريڪ انصاف هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن اسلام آباد ۾ اڄ مڪاني اليڪشن نه ٿي ته توهين عدالت جي درخواست داخل ڪنداسين، تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان اليڪشن ڪرائڻ واري هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي اسلام آباد جي عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته بدقسمتي آهي تي ملڪ تي مڙهيل ڪرپٽ ٽولي سان اليڪشن ڪميشن به مليل آهي، پنهنجي وڊيو پيغام ۾ عمران خان چو ته اليڪشن ڪميشن سدائين چورن جي حمايت ڪري جمهوريت خلاف فيصلا ڪندي آهي، معزز عدالتون هميشه اليڪشن ڪميشن جا غيرقانوني فيصلا رد ڪري ڇڏينديون آهن، اسلام آباد جو عوام اڄ مڪاني چونڊن م ڀرپور حصو وٺي. مخالف ڌر جي پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف اسلام آباد ۾ اڄ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جي عدالتي فيصلي جي آجيان ڪئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن ملي ڀڳت سان چونڊون ملتوي ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو هو، جيڪو ناڪام ٿيو آهي. فواد چوڌري چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنهنجي حڪم تي عملدرآمد ڪرائي، حڪومت اليڪشن کان ڀڄي رهي آهي.