اسلام آباد: سپريم ڪورٽ پاران پنجاب صوبي ۾ چونڊون ڪرائڻ بابت ڏنل فيصلي تي اليڪشن ڪميشن مشاورتي اجلاس اڄ اربع ڏينهن طلب ڪري ورتو آهي، اليڪشن ڪميشن کي قانوني ٽيم سپريم ڪورٽ جي ڏنل فيصلي تي بريفنگ ڏيندي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي اچڻ کان پوءِ اليڪشن ڪميشن پنهنجي قانون ونگ کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي تصديق ٿيل ڪاپي حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ذريعن مطابق ڪالهه اڱاري ڏينهن به اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جو غير رسمي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي آيل فيصلي جي تفصيلن تي غور ڪيو ويو، اڄ اجلاس کان پوءِ ضابطه طور تي اليڪشن ڪميشن جو موقف سامهون اچڻ جو امڪان آهي.