اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ عدالتي سڌارن واري بل خلاف ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو، چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 8 رڪني بينچ 2 مئي تي ڪيس جي ٻڌڻي هلائيندي، سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل، سپريم ڪورٽ بار ۽ پاڪستان بار ڪائونسل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، نواز ليگ، پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آءِ سوڌو 9 پارٽين کي به نوٽيسز جاري ڪيا ويا، سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجرل بل موجب چيف جسٽس ڪنهن به معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس نه وٺي سگهندو، پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو فيصلو 3 سينيئر ججز تي ٻڌل ڪاميٽي ڪندي، سُپريم ڪورٽ ڪيس تي گذريل ٻڌڻي دوران عدالتي سُڌارن واري بِل تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو هو.