عدالتي حڪم نظر انداز: ڪارونجهر تي ٻيهر ڪٽائي شروع

0
410

ڪراچي: عدالتي حڪمن باوجود ٿر جي سونهن ڪارونجهر تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪَٽائـِي شروع ٿي وئي آهي

 کارسر جبل تان ڳري مشينري ذريعي گرينائيٽ پٿر کڻڻ جون تصويرون وائرل ٿي ويون آهن

ٿرپارڪر جي سڄاڻ ڌُرين چيو آهي ته بااثرن طرفان جبل تي ڪٽائي جا اطلاع ملڻ باوجود انتظاميا ڪارروائي لاءِ تيار ناهي، سرِعام عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي

سڄاڻ ڌُرين حڪومت کان نوٽيس وٺي ڪارونجهر جي سونهن بچائڻ جو مطالبو ڪيو آهي

واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪارونجهر تي ڪٽائي کي غيرقانوني قرار ڏنو هو، عدالت به ڪارونجهر جي ڪٽائي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر ان باوجود به ڪٽائي شروع ڪئي وئي آهي

ھي به پڙھندا

سنڌ هاءِ ڪورٽ ارسا چيئرمين کي سنڌ کي حصي جو پاڻي فوري مهيا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو