دادو : عدالت جي آڊر کان پوء خالده لغاري ۽ سندس ماء پيء ۽ ٻيا وارث ايف آء آر داخل ڪرائڻ لاء وومين پروٽيڪشن سيل پهتا ، پر خالده لغاري سان پيش آيل وارتا جي ايف آء آر داخل نه ٿي سگهي آهي ، وومين پروٽيڪشن سيل جي ذميوار پوليس اهلڪارن پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته خالده ۽ سندس والدين ايترا ته خوفزده هئا جو کيس پوليس پروٽيڪشن ۾ ڀان سعيدآباد پهچايو ، بعد ۾ هو حيدرآباد روانا ٿي ويا ، خالده جي پيء مبارڪ لغاري ٻڌايو ته اسان ايف آء آر داخل ڪرائڻ لاء وومين پروٽيڪشن سيل پهتاسين پر عدالت جو تفصيلي آڊر نه ملڻ ڪري پوليس ايف آء آر داخل نه ڪئي ،  اڄ ايف آء آر ڪرائڻ عدالتي آڊر وٺي اچڻ جو چيو آهي ، خالده کي بازياب ڪرائڻ وقت مور ۽ سندس ڀاء جهنڊو خشڪ گرفتار ڪيو ويو هو شام دير سان وومين پروٽيڪشن سيل جي پوليس ٻنهي ڀائر جي گرفتاري کان لاعلمي ظاهر ڪري ڇڏي آهي