عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿيو، ڏسنداسين ته ان جا ڪهڙا نتيجا ٿي سگهن ٿا: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

0
187

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جا گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ بابت درخواست تي اعتراضن سان گڏ ٻڌڻي شروع ڪري ڏني، چيف جسٽس عامر فاروق درخواست تي لڳايل رجسٽرار جا 2 اعتراض ختم ڪري ڇڏيا

 چيف جسٽس چيو ته بايوميٽرڪ تصديق ۽ صحيح وارا اعتراض مان ختم ڪري رهيو آهيان، عمران خان جي وڪيل کي باقي رهيل اعتراض ٽن ڏينهن اندر ختم ڪرڻ جي هدايت  ڪئي وئي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران عمران خان جو وڪيل خواجا حارث اوچتو روسٽرم تي اچي ويو ۽ عمران خان جي گرفتاري وارنٽس تي ڳالهائڻ شروع ڪيو، چيف جسٽس چيو ته اڃا ته توهان جي درخواست فڪس نه ٿي آهي، مقرر ٿي ته ڏسنداسين

زخمیوں میں ڈی آئی جی آپریشنز اسلام آباد شہزاد بخاری بھی شامل ہیں،فوٹو: ٹوئٹر

 چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته ان کان اڳ عدالت توهان کي رليف ڏنو هو پر ان جو ڇا ٿيو؟ عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿيو، ڏسنداسين ته ان جا ڪهڙا نتيجا ٿي سگهن ٿا

چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته ڇا توهان رجسٽرار آفيس جا اعتراض ختم ڪيا آهن؟ خواجا حارث چيو ته لاهور ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو عدالت جي آڏو آهي، چيف جسٽس چيو ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو توهان جو پنهنجو ڪيل آهي، هن عدالت پهرين توهان کي هڪ رستو ڏنو هو

هي به پڙهندا

جيل وڃڻ لاءِ تيار آهيان، ان جو مون کي يا منهنجي سياست کي ڪو نقصان نه ٿيندو:عمران خان