عدالتن کي گذارش آهي ته عمران سان ٻين سياستدانن جهڙو رويو رکيو وڃي: خواجه آصف

0
171

بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته عمران خان ابن الوقت ۽ مفاد پرست آهي، سياست سان سندس پري پري تائين واسطو ناهي، ماڻهن کي جيل ڀرڻ جا سڏ ڏيندڙ پاڻ ضمانتون ڪرائڻ ۾ رُڌل آهي، هو عدالتن ۾ پيشي کان بچڻ لاءِ ڊراما پيو ڪري

هن چيو ته لڳي ٿو قانون جي اکين تان پٽي لهي وئي آهي، عمران خان سان ٻين جوابدارن جهڙو رويو نٿو رکيو وڃي، عدالتن کي هٿ ٻڌي گذارش ڪريان ٿو ته عمران خان سان ٻين سياستدانن جهڙو رويو رکيو وڃي

Former Pakistan PM Imran Khan appears in court in contempt case | Politics News | Al Jazeera

خواجه آصف چيو ته سياستدان ٽي وي تي روئڻ پٽڻ بدران عدالتن ۾ پيش ٿيندآ آهن، سپورٽرز کي خبر پئجي وئي آهي ته عمران خان بزدل آهي

بچاءَ واري وزير چيو ته عمران خان اسٽيبلشمينٽ جي پٺڀرائي کانسواءِ وِک به ناهي کڻندو، هو آرمي چيف سان ملاقات لاءِ منٿون ڪري رهيو آهي، عمران خان گرفتار ضرور ٿيندو، پر اسان کي گرفتاري جي تڪڙ ناهي

هي به پڙهندا

توشه خانه ڪيس: عمران خان عدالت ۾ پيش نه ٿيو، 2 وڳي تائين وقفو