خيرپور (رپورٽر) ڪراچي ۽ ميهڙ ۾ عدالتي احاطي ۾ پيش آيل قتل وارن واقعن کانپوءِ ايس ايس پي خيرپور مير روحل کوسو جي حڪمن تي ضلعي جي عدالتن جي احاطي ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت، وڌيڪ اضافي پوليس نفري مقرر. پوليس پڌرائي موجب ايس ايس پي خيرپور مير روحل کوسو ضلعي جي سمورن عدالتن ۾ سيڪيورٽي لاءِ مقرر پوليس آفيسرن ۽ جوانن کي حڪم جاري ڪندي چيو آهي ته عدالت ۾ ايندڙ ماڻهن جي جامع تلاشيءَ کانپوءِ کين عدالتي داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي. ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته سمورين عدالتن ۾ ايندڙ وڪيلن سميت عدالتي اسٽاف کي به تلاشيءَ بعد عدالت ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي، ڪنهن به اجنبي شڪي ماڻهو، گاڏي يا بيگ وغيره نظر اچڻ جي صورت ۾ پوليس ٿاڻي يا 15 مددگار سينٽر تي اطلاع ڏنو وڃي. ايس ايس پي موجب وڪيلن، عوام ۽ عدالتي اسٽاف کي گذارش ٿي ڪئي وڃي ٿي عدالتن ۾ سيڪيورٽي لاءِ مقرر سمورن پوليس آفيسرن ۽ جوانن سان مڪمل تعاون ڪيو وڃي. پڌرائي موجب ايس ايس پي لاڳاپيل ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز کي هدايتون جاري ڪندي عدالتن ٻاهران موبائل ۽ موٽر سائيڪل گشت وڌائڻ جا پڻ حڪم جاري ڪيا آهن ۽ چيو آهي ته سيڪيورٽي جي سمورن انتظامن جي هو پاڻ ڀي نگراني ڪندو.