عثمان شاھ ھڙي ( ن پ ا) عثمان شاھ ھڙي ۽ ان جي پسگردائيءَ وارن ننڊن وڏن ڳوٺن ۽ شھرن ۾ اٽي جي کوٽ برقرار علائقي ۾ اٽو 130 کان به وڌيڪ اگھ تي وڪامجي رھيو آھي. اٽي جا سرڪاري موبائل سينٽر علائقي جي چڪي مالڪن سان ملي ڀڳت ڪري صرف ٿوري تعداد ۾ اٽو ڏين ٿا باقي اٽو چڪي مالڪان ۽ من پسند ماڻهن حوالي ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ته علائقي جي غريب مسڪين پورهيت ماڻهوءَ مهانگائي سبب ھڪ ويلو ماني کائڻ لاءِ به سخت پريشان آهن جڏهن ته گذريل 15 ڏينهن کان وٺي عثمان شاھ ھڙي ۽ آس پاس ۾ موبائل سينٽر اٽو مھيا نه ڪري رھيا آھن، جنھن ڪري چڪي مالڪن ۽ دڪاندارن پنھنجي مرضيءَ جا اگھ مقرر ڪري ڇڏيا آهن جنھن سان غريب مسڪين ماڻهن کي وڏي پريشاني پيش اچي رهي آهي جڏهن ته ضلعي انتظاميه ٽنڊوالهيار سان بار بار رابطو ڪرڻ کانپوءِ  به ڪو به تدارڪ نه ٿي سگهيو آهي اٽي جا سينٽر گذريل 15 ڏينهن کان بند پيل آهن ان سلسلي۾ ھتان جي ساڃاهه وند ڌرين حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته عثمان شاھ ھڙي ۽ ان جي پسگردائيءَ وارن ننڊن وڏن ڳوٺن شھرن ۾ روزانو جي بنياد تي سستو اٽو مھيا ڪيو وڃي.