عثمان شاھ ھڙي(ن پ ا)عثمان شاھ ھڙي ويجهوڳوٺ موريو ساند ۾ غربت ۽ بيروزگاري کان تنگ ٿي 5 معصوم ٻارڙن جي امڙ ۽ سندن پيء پاران مبينا طور آپگهات واري معاملي جو اختيارين ٻن ڏينهن بعد به نوٽيس نه ورتو . مشائخ هوٿي ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ موريو ساند جي برسات متاثر پورهيت نگيو ڀيل جي گهر واري شريمتي پارسان ڀيل 5 ڏينهن اڳ غربت ۽ بک سبب مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو هو، جنهن جي جاچ ۾ شڪ جي بنياد تي مشائخ هوٿي پوليس ناري جي مڙس کي هڪ رات لاڪپ ۾ رکيو جنهن بعد ناري جي وارثن کيس آزاد ڪرايو ۽ ناري جي مبينا آپگهات جي ٽن ڏينهن بعد مڙس به ساڳئي ريت مبينا طور گهر اندر ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو. آپگهات ڪندڙ نوجوان جي پيرسن والد جو چوڻ آھي ته گهر ۾ بک ۽ بيروزگاري سبب زال ۽ مڙس ۾ ڏند چڪ ٿيندي هئي، جنهن تان هي ٻئي واقعا پيش آيا آھن. منهنجي پٽ ۽ سندس گهر واري جي مبينا آپگهات بعد سندن 5 معصوم ٻارڙن، جن ۾ هڪ 2 مهينن جو پٽ جيڪو امڙ جو کير پيئندو هو سندن ڪفالت ڪرڻ وارو ڪير به ناهي رهيو. واقعي کي 2 ڏينهن ٿي ويا آھن پر تڪ جي چونڍيل نمائيندن توڙي تعلقي ۽ ضلعي انتظاميا ڪا به سار ناهي لڌي ۽ ٻارڙا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن. آپگهات ڪندڙ نوجوان جي والد وزيراعلي سنڌ سميت تڪ جي چونڍيل نمائيندن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ٻارڙن جي ڪفالت ۾ مدد ڪئي وڃي.