عثمان شاھ ھڙي (ن پ ا) پيارولنڊ جي ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ بچل خاصخيلي واسي نوجوان بھادر خاصخيلي  عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿي ويو اغوا ٿيل نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته هو 27 مارچ تي گهران گهمڻ لاء چئي نڪتو ڪشمور پهتو جتان هو اغوا ٿي ويو ٻڌايو ويو آھي اغوا ٿيل بهادر خاصخيلي کي ڌاڙيلن  ڪشمور جي ڪچي واري علائقي مان وارثن کي ڀنگ لاء ڪري فون ڪري ڌمڪايو آھي ته 30 لک جي رقم نه ڏني مغوي کي ماري ڇڏينداسين جنهن ڪري اغوا ٿيل بهار خاصخيلي جي گهر ۾ پريشاني وارو عالم آھي اغوا ٿيل نوجوان شادي شده ۽ ٻن ٻارن جو پئي آھي هوڏانهن عورتاڻي آواز تي هرکجي ويل غريب پورهيت بهادر خاصخيلي جي وارث ايس ايس پي ٽنڊوالهيار  کان گهر ڪئي آھي ساڻن انصاف ڪيو وڃي