لاهور (م ڊ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير  عثمان بوزدار خلاف اينٽي ڪرپشن پنجاب ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو، ڊپٽي ڪمشنر ڊيرا غازي خان جي انڪوائري رپورٽ تي ڪيس داخل ڪيو ويو، اينٽي ڪرپشن اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ عثمان بوزدار جي ڀائرن کي به نامزد ڪيو ويو آهي ۽ ڪيس ۾ سرڪاري زمين جعلسازي سان پنهنجي نالي منتقل ڪرڻ جا قلم شامل ڪيا ويا آهن. اينٽي ڪرپشن اختيارين موجب عثمان بوزدار تي 900 ڪنال سرڪاري زمين جي الاٽمينٽ جي باري ۾ جعلي ليٽر تيار ڪرائڻ جو الزام آهي.