لاهور (م ڊ) ڪارڪن ته پري پر تحريڪ انصاف جا اهم اڳواڻ به لانگ مارچ ۾ شريڪ نه آهن. ڪپتان جو وسيم اڪرم پلس عثمان بزدار، ٻئي ڏينهن به لانگ مارچ ۾ نه پهتو. تحريڪ انصاف لاهور جو صدر امتياز شيخ به اسد عمر کان دڙڪا کائڻ کان پوءِ غائب آهي. گهرو صلاحڪار عمر سرفراز چيمه، علي زيدي، شفقت محمود به لانگ مارچ ۾ نظر نه آيا. جڏهن ته ٽي وي شوز ۾ تحريڪ انصاف جو دفاع ڪندڙ فياضل الحسن چوهاڻ به لانگ مارچ ۾ شامل نه آهي. تحريڪ انصاف پنجاب جا اڳواڻ نديم بارا، مراد راس، سرفراز کوکر ۽ ظهير عباس کوکر به لانگ مارچ ۾ شريڪ نه آهن.