عام چونڊون ڊجيٽل آدمشماري تحت ئي ٿينديون: اعظم نذير تارڙ

0
149

اسلام آباد: قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته عام چونڊون ڊجيٽل آدمشماري تحت ئي ٿينديون، اڌ چونڊون پراڻي آدمشماري ۽ اڌ چونڊون نئين آدمشماري تحت نه ٿيون ڪرائي سگهجن، عمران خان ساڍن ٽن سالن تائين اشتهاري هئڻ باوجود وزيراعظم رهيو

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو ته تڪراري فيصلا ايندا ته انهن تي ڳالهيون به ٿينديون

هن چيو ته عمران خان ان ڪيس ۾ عدالت آڏو پيش نه ٿيو جنهن ۾ فرد جرم لاڳو ٿيڻي هئي، عمران خان ادارن تي چٿرون ڪري رهيو آهي ۽ ڄنگهه ڄنگهه تي چاڙهي ويٺو آهي

وفاقي وزير چيو ته عام چونڊون ڊجيٽل آدمشماري تحت ئي ٿينديون، اڌ چونڊون پراڻي آدمشماري ۽ اڌ چونڊون نئين آدمشماري تحت نه ٿيون ڪرائي سگهجن

هي به پڙهندا

پيٽرول نه مليو: آدمشماري ڪندڙ عملو گڏهه تي چڙهي ڳڻپ ڪرڻ لڳو، وڊيو وائرل