اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ شاندانه گلزار خلاف بغاوت واري ڪيس ۾ قانوني طريقيڪار جي پيروي نه ڪئي وئي، ڪو به عام شهري بغاوت جي قلم تحت ڪيس داخل نٿو ڪرائي سگهي. جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو ته شاندانه گلزار جو بيان انفرادي شخصيتن ۽ عملدارن خلاف آهي، ان ۾ عوام کي بغاوت تي ڀڙڪائڻ جو ڪو عنصر موجود ناهي، آئين جو آرٽيڪل 19 ڪجهه مخصوص پابندين سان گڏ مڪمل اظهار راءِ جو حق ڏئي ٿو، هن قسم جا ڪيس خارج ٿيڻ گهرجن، بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ وفاقي يا صوبائي حڪومت جي منظوري ضروري آهي، اهڙن ڪيسن ۾ رياست جو وقت ۽ پئسو ضايع ٿئي ٿو.